سکر مان نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن جو ڳولا لاءِ احتجاج

سکر (رپورٽر) سکر جي علائقي شڪارپور ڦاٽڪ جي رهواسي لولائي برادري سان تعلق رکندڙ عورت مسمات دادلي پنهنجي پٽ نادر سان گڏ  سکر پريس ڪلب آڏو پنهنجي 17 سالن جي پٽ جي ڳولها ۾ مدد لاءِ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته سندس 17 سالن جو پٽ عامر علي ولد محمد بخش لولائي ڪوئنس روڊ ۽ سندس آس پاس جي علائقن ۾ گاڏيون ڌوئي ڪري مزدوري ڪندو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڏينهن کان پراسرار طور تي لاپتا ٿي ويو آهي جنهن جي اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين پٽ کي ڳولهڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته پٽ جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.