لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽرن جي غلفت سبب فوت ٿيل عورت جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي نصير آباد جي ڳوٺ آيو ڦلپوٽو جي رهواسين طرفان ڪجھ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلط سبب فوت ٿي ويل عورت جي وارثن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي خالد ڦلپوٽو پنهنجي ڀائرن قلب حسين، طارق حسين، ڏاڏي محمد صديق ڦلپوٽو، چاچي محمد امين، سئوٽ امتياز ڦلپوٽو، مامي محمد موسيٰ ڦلپوٽو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 26 جولاءِ تي مان پنهنجي ڳورهاري گهرواري مريم خاتون کي لاڙڪاڻي شهر جي اسٽيشن روڊ وٽ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرائي هئي، جتي ڊاڪٽر سونيه وشمبر مريض کي داخل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ غائب ٿي وئي ۽ پاڻ آپريشن ڪرڻ بجاءِ سيکڙاهٽ ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي پنهنجي گهرواري جي آپريشن ڪئي، جنهن دوران مونکي پٽ جي اولاد ٿي، جڏهن ته آپريشن کان پوءِ سينٽر جي عملي رت گهٽ هجڻ جو چئي خانگي بلڊ بئنڪ کان رت گهرائي گهرواري کي لڳائي، جنهن کان پوءِ گهرواري جي طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي ۽ هو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر سونيه وشمبر منهنجي گهرواري جو علاج صحيح نموني سان نه ڪيو ويو، جنهن ڪري منهنجي گهرواري مرڻ جي ذميوار ڊاڪٽر سونيه وشمبر آهي. هن اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.