حيدرآباد ۾عورت جو پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج، دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي بروهي چوڪ جي رهواسڻ زرينه ملاح ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي الزام هنيو  ته 26 جولاءِ جي ڏينهن سندس پٽ قيوم ملاح حيسن آباد مان دوستن وٽان دعوت کائي واپس گهر اچي رهيو هو ته گدو چوڪ وٽ حسين آباد پوليس جي اهلڪارن کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي هاڻ پٽ جي بازيابي لاءِ پيسن جي گهر ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پٽ قيوم ملاح بي گناهه آهي. ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آهي هو فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو آهي پوليس پٽ کي گم ڪري ناانصافي ڪئي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ قيوم ملاح کي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.