ڏوڪري ڀرسان ٿيل جهيڙي جي هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو

ڏوڪري (ت ر)ڏوڪري ڀرسان 25 ڏينهن اڳ چنا پل وٽ چانڊيا ۽ جتوئي برادري جي ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  جتوئي برادري جا ٽي ماڻهو 30 ورهين جو نظام الدين جتوئي، ستار جتوئي ۽ رزاق جتوئي زخمي ٿي پيا زخمين  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪيو ويو هو. جتي 30 ورهين جو نظام الدين جتوئي زخمين جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. فوتي جو مڙھ ڏوڪري اسپتال پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن فوتي نوجوان جي وارٽن سڪندر جتوئي، حاجي پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته چانڊيا برادري جي ماڻهن چنال پل وٽ جهيڙو ڪيو هو جنهن جي اين سي ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. ٻئي ڏينهن تي ڏوڪري ۾ اسان جي نوجوانن مٿان ڪاھ ڪري جهيڙو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو. هنن چيو ته چانڊيا برادري جا ماڻهو ٻيهر نامعلوم ماڻهو وٺي اسان جي نوجوانن مٿان حملو ڪيو هو. هنن چيو ته ڪهاڙيون لڳڻ سبب اسان جا ٽي نوجوان نظام الدين جتوئي، ستار جتوئي ۽ رزاق جتوئي زخمي ٿي پيا زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو جنهن جي اين سي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي . هنن چيو ته 25 ڏينهن گذرڻ بعد اسان جو نوجوان نظام الدين جتوئي فوت ٿي ويو آهي. هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سعيد چانڊيو، انور موريو ۽ ٻين ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.