قمبر: بلوچستان ۾ برساتن بعد پاڻي وهڪرا سنڌ ۾ داخل، ميداني علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

بلوچستان ۾ برساتن بعد پاڻي وهڪرا سنڌ ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن سبب ميداني علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

بلوچستان کان ايندڙ برساتي وهڪرا قمبر جي زيرو پوائنٽ واري علائقي ساروهه ڍنڍ ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن بعد غيبي ديري واري علائقي وٽ ايف پي بچاءَ بند جو اندريان ميداني علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهن.

آبپاشي کاتي پاران وهڪرن جي پاڻي جو رخ ساروهه ۽ حمل ڍنڍ ڏانهن موڙڻ لاءِ مختلف هنڌن کان ڪٽ ڏنا پيا وڃن.

ٻئي پاسي ميداني علائقا پاڻي هيٺ اچڻ بعد تڪ جي چونڊيل پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ساروهه ۽ حمل ڍنڍ سوڌو متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، جڏهن ته متاثرن ۾ راشن ۽ خيما پڻ تقسيم ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.