ٽنڊوآدم۾ مهانگائي سبب 7 ٻارن جي پيءُ پاران آپگهات

ٽنڊوآدم ( ن ع آ  ) ٽنڊوآدم لڳ  لانڍي روڊ تي درگاھ پوپٽ پير قبرستان ۾  ڪنڊياري واسي 7 ٻارن جي پئ مٺو ولد ويھو  ڪولھي پنھنجي گھر واري ڌرمي سان جھيڙو ڪرڻ بعد ڳچي ۾ رسو وجھي آپگھات ڪري ڇڏيو ۔  ڳوٺاڻن جي اطلاع تي بي سيڪشن  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش لھرائي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم کڻائي آئي جتي ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش ڪنڊياري کڻائي ويا۔ معلوم ٿيو آھي ته فوتي مزدوري ڪندو ھو ۽ کيس 5 پٽ ۽ 2 نياڻين جو اولاد آهي پوليس موجب فوتي ڪنڊياري جو رهندڙ هو زال پاران کاڌي پيتي ۽ گهرو سامان نه هجڻ تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن  سبب گهران نڪري ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.