اڳوڻن قبائلي ضلعن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ رهائشي اسڪيمن جي تجويز غور هيٺ آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (م ڊ)قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻن قبائلي ضلعن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ رهائشي اسڪيمن جي تجويز غور هيٺ آهي، باجوڙ،  اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ٻارن لاءِ اسڪولن جي قيام جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي. اوورسيز پاڪستانين جون 7 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شڪيله لقمان جي سوال تي سمنڊ پار پاڪستانين واري وزير  ساجد حسين طوري چيو ته اوورسيز پاڪستانين کان هائوسنگ لاءِ جيڪا رقم پاڪستان ايندي آهي ان مان 7 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن. لاهور، پشاور، تربت سميت 7 هنڌن تي ڪم مڪمل آهي. 23 -2022ع جي اسڪيمن جو افتتاح ٻه کان ٽن مهينن ۾ ٿي ويندو. هن چيو ته 7 اسڪيمن ۾ 9678 پلاٽس آهن، 2847 پلاٽس الاٽ ٿي چڪا آهن، 2003 پلاٽس الاٽمينٽ جي پوزيشن ۾ آهن، 144 تي ڪيس آهن، 274 ڪمرشل پلاٽن مان 17 الاٽ ٿي چڪا آهن ۽ باقي تي ڪم ٿي چڪو آهي. او پي ايف گرين لاهور ۾ پروگرام لانچ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 54 پلاٽس الاٽ ٿي چڪا آهن، او پي ايف ٽائون لاهور ۾ 214 ڪينال هائوسنگ پراجيڪٽ لانچ ٿي چڪو آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. محسن داوڙ جي سوال تي ساجد حسين طوري چيو ته اڳوڻي قبائلي ضلعن ۾ به اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڪم ٿيندو، جڏهن به وزارت رهائشي ڪالوني يا پراجيڪٽ لانچ ڪيو آهي اتي مسئلا نه اچي رهيا آهن، ڪرم ۾ هڪ سڪول قائم ڪيو ويو آهي، اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ باجوڙ ۾ اسڪول قائم ڪيا ويندا.

  • گڏيل قومن وچ ايشيا کي امن، اعتماد ۽ تعاون جو خطو قرار ڏئي ڇڏيو

گڏيل قومون (اي پي پي) گڏيل قومن وچ ايشيا کي امن، اعتماد ۽ تعاون جو خطو قرارر ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ٺهراءَ جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان  ان کي وقتائتو قدم قرار ڏنو آهي.  گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي ان ڳالهه جي سفارش ڪئي ته خطي جون سموريون رياستون ۽ ٻيا سمورا ملڪ وچ ايشيا ۾ امن کي برقرار رکڻ لاءِ تعاون ڪن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سختي سان پابندي ڪندي خطي جي سمورين رياستن جي قومي يڪجهتي، خودمختياري، سياسي آزادي ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪن. ترڪمانستان جي سفير اخو سلطان عطائيوا ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان طرفان قرارداد متعارف ڪرائيندي چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن اصولن ۽ قدرن کي واضح طور تي بيان ڪيو وڃي جيڪي وچ ايشيائي ملڪن جي جائز مفادن جي بنياد تي امن ۽ سلامتي،هن خطي ۾ جٽادار ترقي ، سهڪار ۽ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار ڪن. وچ ايشيا جي ملڪن ۾ تعاون ۽ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، هن خطي جو نه رڳو گڏيل روحاني، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آهي پر ان جو پاڻ ۾ هڪٻئي سان اچ وڃ ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ به موجود آهي .گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم ٺهراءُ جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي ان کي وقتائتو قدم قرار ڏنو. پاڪستاني سفير چيو ته دنيا گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هڪطرفي طاقت ۽ پرڏيهي طاقت جو بار بار مشاهدو ڪيو آهي، ڪيترن ئي خطن ۾ پرڏيهي قبضا برقرار آهن، قومن وچ ۾ ۽ ملڪن اندر تڪرار پکڙيل آهن، هن چيو ته نفرت، اسلامو فوبيا، يهود مخالف، فاشزم جا نظريا ٻيهر اڀريا آهن ۽ هڪ نئين ۽ غير مستحڪم ڪرڻ واري عالمي هٿيارن جي ڊوڙ جاري آهي. منير اڪرم چيو ته هن ڏکي عالمي ماحول ۾ تڪرارن جي پرامن حل، عالمي سهڪار کي فعال طور تي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي احترام کي بحال ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته خطي ۾ جٽادار امن لاءِ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي اڻٽر آهي ۽ افغان حڪومت سان ان جي سمورن 6 ويجهن پاڙيسري ملڪن طرفان لڳاتار رابطو قائم ڪيو وڃي.

  • ايف آءِ اي آفيسرن جي مقرري جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا آهن: گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۽ پشاور هوائي اڏن تي سب انسپيڪٽر ۽ ان کان مٿين ڪيڊر سميت ايف آءِ اي آفيسرن جي مقرري ۽ مدي جي حوالي سان سمورا تفصيل  ايوان ۾ پيش ڪيا ويا آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران مولانا عبدالاڪبر چترالي جي سوال تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو چيو ته ايئرپورٽن تي آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان سمورا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن،  هن چيو ته هوائي اڏن تي مقرر آفيسرن جي مقرري ۽ مدي جي حوالي سان هو ايوان کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪندو.

  • ايم ايل ون رٿا جي اپگريڊيشن جو ڪانٽريڪٽ جاري ناهي ڪيو ويو: ريلوي ترجمان

لاهور (اي پي پي) پاڪستان ريلويز جي ترجمان چيو آهي ته ايم ايل ون رٿا جي اپگريڊيشن جو ڪانٽريڪٽ جاري ناهي ڪيو ويو نه ئي ريلوي انتظاميه طرفان ڪنهن  فرم ذريعي ڪو اشتهار ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته بي ايڇ ڊبليو اي ايس نالي فرم پاڻ کي مشهور چيني ڪنسٽرڪشن ڪمپني طور ظاهر ڪندي ايم ايل ون ۽ حويليان ڊرائي پورٽ جي اپ گريڊيشن رٿا تي ملازمن جي ڀرتي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اشتهار اپ لوڊ ڪيو هو، ڄاڻايل ڪمپني طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ وائيس نوٽ به اپ لوڊ ڪيو ويو هو جنهن ذريعي عام ماڻهن کي صلاح ڏني وئي هئي ته هو سي پيڪ رٿا تي نوڪرين لاءِ درخواستون ڏين. ڄاڻايل اشتهاربابت سي پيڪ ۽ ريلوي انتظاميه واضح ڪيو آهي ته ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن ۽ حويليان ويجهو ڊرائي پورٽ قائم ڪرڻ جي رٿا لاءِ نه ته ڪو اشتهار ڏنو ويو آهي نه ئي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اها رٿا اڃان شروع ئي ناهي ٿي، ريلوي جي ترجمان چيو ته ان قسم جو ڪو به اشتهار گمراهه ڪندڙ آهي ۽ عوام سان دوکي جي برابر آهي، ريلوي انتظاميه کي درخواست ڪئي آهي ته ڄاڻايل اشتهار کي حقيقت نه سمجهيو وڃي، ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته سي پيڪ انتظاميه ايم ايل ون جي حوالي سان ڪنهن به اشتهار جي منظوري ناهي ڏني.

  • حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: قومي اسيمبلي

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ سان مهانگائي پڻ گهٽ ٿيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ کاڄرو  تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي حوالي سان قادر مندوخيل ۽ ٻين جي ڌيان ڇِڪايو نوٽيس تي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد اسحاق ايوان کي ٻُڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب هر طبقو متاثر ٿيو آهي. مهانگائيءَ جي لهر عالمي سطح تي آهي، اسان جي حڪومت کي 8 هفتا ٿيا آهن، 4 سال اڳ اسان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي روانگي واپار ڪري رهيا هئاسين، 4 سالن ۾ نيازي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، جيڪو سڀني آڏو آهي، حڪومت مهانگائيءَ تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. 21 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، 40 هزار کان گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بي آءِ ايس پي تحت 264 ارب رپيا رکيا ويا آهن. حڪومت قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ايندي. قادر مندوخيل چيو ته کير، دهي ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ قدم ضروري آهن. رانا اسحاق ٻُڌايو ته پگهاردار طبقي جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.