مٽياري ۾جهيڙي بعد پوليس پاران ڌر ٿيڻ خلاف کوسا اتحاد جو احتجاج، ڌرڻو

مٽياري( ڊ ر)  ڪجھ ڏينھن پھريان مٽياري جي مين بس اسٽاپ تي ميمڻ برادري ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ دڪان جي مالڪي تان ٿيل جھيڙي ۾ پوليس جي ھڪ طرفي ڪردار خلاف نيشنل کوسا اتحاد پاران غلام مرتضا کوسو . خالد حسين کوسو . دودو کوسو . محبوب کوسو ۍ شمن کوسو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ کوسا برداري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ سرڪاري دڪان جيڪي اسان جي ھمراھ فقير محمد کوسو جي قبضي ۾ آھن انھن تي ميمڻ برادري جي ڪجھ ماڻھن پاران قبضو ڪرڻ لاء فقير محمد کوسو تي حملو ڪيو ويو جنھن ۾ اسان جو ھمراھ فقير محمد کوسو سخت زخمي ٿي پيو جنھن بعد مٽياري پوليس پھچي اسان جا سمورا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا ۽ اسان جي زخمي ٿيل ھمراھ کي اسپتال مان گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو فقير محمد کوسو ڪورٽ سڳوري مان ضمانت تي آزاد ٿي آيو جنھن کي اڄ وري ڳالھين لاء گھرائي پوليس تشدد جو نشانو بڻايو مظاھرين چيو تہ مٽياري پوليس مخالفن جي ونگار وھندي اسان جي ھمراھ کي حراسان ڪري رھي آھي .اسان جو ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي.  ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مٽياري جو چوڻ ھو تہ سرڪاري دڪانن جي مالڪي تان جھيڙو آھي اسان جي ڪوشش آھي تہ جھيڙو ٽاريون ان ڪري اسان جھيڙي واري ڏينھن ٻنھي ڌرين جا ماڻھو گرفتار ڪيا ھئا اسان جو پاسو نہ پيا وٺون خوامخواھ اسان تي الزام ھنيو پيو وڃي دڪان ٻنھي ڌرين پاڻ بند ڪيا آهن اسان جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناھي اسان جو ڪم اھي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جيڪو اسان ڪيون پيا باقي اسان ڪنھن جي بہ سائيڊ نہ پيا وٺون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.