اسپيڪر جي چونڊ عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پاران اسپيڪر جي چونڊ عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف اڄ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي ٿيل اليڪشن کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

حمزا شهباز پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ دوران بيلٽ پيپرز تي سيريل نمبر داخل ڪيا ويا هئا جيئن خبر پئجي سگھي ته ووٽ ڪنهن کي ڪاسٽ ٿيو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي اليڪشن کي سڀاڻي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو.

واضح رهي ته اڄ ٿيل پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سبطين خان مسلم ليگ ن جي اميدوار سيف الملوڪ کوکر کي شڪست ڏني ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.