سجل علي جي پهرين عالمي فلم ٽورانٽو فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا سجل علي جي پهرين انٽرنيشنل فلم ”واٽس لو گاٽ ٽو ڊو ود اٽ“ کي هلندڙ سال ٽورانٽو فلم فيسٽيول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

فلم جي پروڊڪشن ڪمپني اداڪارا سجل علي جي پهرين جهلڪ شيئر ڪئي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فلم جو ورلڊ پريميئر ٽورنٽو فلم فيسٽيول ۾ ٿيندو.

سجل علي به فلم جو جي پهرين جهلڪ شيئر ڪئي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فلم ٽورنٽو فيسٽيول ۾ نمائش کانپوءِ عالمي سطح تي رليز ڪئي ويندي.

پروڊڪشن ڪمپني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته فلم جنوري 2023 ۾ برطانيه ۽ پاڪستان ۾ رليز ڪئي ويندي.

ڪمپني پهريان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته فلم ڪرسمس تي سڄي دنيا جي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي پر ان کي پهريان آمريڪا، ڪينيڊا، يورپي ملڪن ۽ ڀارت ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ان کي پاڪستان ۾ 2023ع ۾ رليز ڪيو ويندو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sajal Ali (@sajalaly)

فلم جي ڪهاڻي هڪ عورت فلمساز جي رومانس جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا پنهنجي شادي لاءِ ڊيٽنگ ايپس به آزمائي ٿي پر کيس هميشه غلط مرد ملن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.