سنڌ سرڪار پاران وفاق معرفت ڏوهن ۾ ملوث افغانين کي ڊي پورٽ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(  رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير  ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار وفاق معرفت سمورن افغانين کي ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلوڪيو آهي، جيڪي مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن، سهراب ڳوٺ وٽ جن به افغانين هنگاما ڪيا انهن جي لسٽ پوليس ٺاهي آهي، ان تحت افغانين خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير افغانين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو هو، پوليس ان سلسلي ۾ تحرڪ ۾ آئي ۽ سهراب ڳوٺ ۾ گرفتاريون به ڪيون، هن چيو ته غيرقانوني افغانين خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ وفاق سان به رابطي ۾ آهي ۽ جيڪي افغاني پناهه گير ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن کي ڊيپورٽ ڪري افغانستان موڪليو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.