حليم عادل شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت حليم عادل شيخ کي زيردفعا 63 جي تحت آزاد ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾  چيو ته هي ڪيس هاءِڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ان ۾ ڪجهه ثابت نه ٿيو آهي ته زمين تي غير قانوني قبضو آهي يانه آهي، عدالت حليم عادل شيخ کي 50هزار رپين جي مچلڪن جي عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ حليم عادل شيخ کي انيٽي ڪرپشن حڪام ملير زمينن جي قبضي واري ڪيس ۾ پيش ڪيو .جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ روينيو حڪام سان ملي ڀگت ڪري زمينن جون جعلي انٽريون ڪرايون آهن .حليم عادل شيخ پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري زمين پولڙي فارمنگ کي  30 سال جي ليز ڪرائي حليم عادل شيخ پولٽري فارم جي عيوض زرعي بئنڪ کان 49 لک رپيا قرضو ورتو .شريڪ جوابدارن مان روينيو کاتي جو منشي حاجي ستار ۽مختيار ڪار اسرار شاهه شامل هئا .جعل سازي کان سرڪاري ناڻي کي 16ڪروڙ جو نقصان ٿيو .عدالت جوابدارن جي حوالي سان معلوم ڪيو ڪهڙي جوابدارن آهن .حليم عادل شيخ پاران ايڊووڪيٽ ملڪ الطاف جاويد وڪالت نامو جمع ڪرايو آهي چيو اوهان کي خبر آهي ته حليم عادل شيخ صوبائي مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي .عدالت چيو مون کي خبر آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته ان جي فرنٽ مين کي 1991ع ۾ ديهه لهرڪيو ۾ قصرحسين کي  زمين الاٽ ڪئي .حليم عادل شيخ کي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ گهرايو پر هو ان مليل تائين  حاضر نه ٿيو .حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته هي ڪيس هاءِڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. جڏهن ته هاءِڪورٽ گرفتاري کان روڪيو آهي .گرفتاري کان اڳ اسيپڪر کي اطلاع ڏني ويندي آهي .هن چيو ته پهرين گرفتار ڪيو ويندو آهي پوءِ اطلاع ڏني ويندي آهي .حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو هئي حال آهي ته پوءِ عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو .حليم عادل شيخ کي 15ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .رواني جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي حليم عادل شيخ جي جان کي خطرو آهي .نه دوا ڏني پئي وڃي نه کاڌو، سڀ مرادعلي شاهه ۽ آصف علي زرداري جي چوڻ ته ڪيو پيو وڃي .منهنجي موڪئل کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي .حليم عادل جي اچڻ تي ڪارڪنن نعري بيازي ڪئي .بڪتربندي گاڌي ۾ حليم عادل شيخ سنڌ حڪومت جي خلاف نعري بيازي ڪئي .هن چيو ته مون کي انڪري گرفتار ڪيو آهي ته مان عمران خان جو سپاهي آهيان مون کي انڪري گرفتار ڪيو آهي ته مان آصف علي زرداري جي خلاف ڳالهيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.