ڊي سي ڏکڻ سان گڏ سڙيل آفيسر مقصود جهانگير به فوت

ڪراچي( رپورٽر) ڊي سي ڏکڻ عبدالستار عيساڻي سان گڏ سڙي زخمي ٿيل روينيو بورڊ جي 20 گريڊ جو آفيسر مقصود جهانگير به علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو. ڊي سي ڏکڻ جي ترجمان موجب سڙي زخمي ٿيل ڊي سي ڏکڻ  عبدالستار عيساڻي سان گڏ سڙي زخمي ٿيل سنڌ روينيو بورڊ جي اعليٰ عملدار مقصود جهانگير به دم ڏنو، ترجمان موجب مقصود جهانگير به دبئي ۾ علاج دوران دم ڏنو.  14 جولاءِ تي ٿيل واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته عملي ٻڌايو ته ايئر ڪنڊيشن جي گئس ليڪ ٿيڻ دوران لائٽر ٻارڻ سان باهه لڳي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.