برسات فصل ٻوڙي ڇڏيا، ٻيجارو لڙهي ويو، چانورن جي کوٽ جو امڪان

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ سانوڻي جي تيز برساتين سبب لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ سارين جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ لڳي، جولاءِ جو پورو مهينو بنا ساهيءَ جي هلندڙ تيز برساتين سبب آبادگار  سارين جو ٻيجارو نه ڪري سگهيا، پوکيل ٻيجارو به تيز برساتين سبب لڙهي ويو جنهن سبب آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي چڪو،لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ/ ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ سميت سکر جي باگڙجي، تماچاڻو واري علائقن ۾ لکين ايڪڙن تي مشتمل زمينون پوکجي نه سگهيون، جون جي مهيني ۾ لڳندڙ سارين جو فصل برساتين سبب آگسٽ تائين نه لڳي سگهيو،لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ آبادگارن جو گهڻو معيشت جو دارومدار سارين جي فصل تي هجڻ ڪري سارين جي پوکي نه ٿيڻ سبب معاشي بحران سان گڏوگڏ ملڪ ۾ چانور جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته موسميات کاتي طرفان ملڪ ۾ وڌيڪ برساتين جي اڳڪٿين جو ٻڌي آبادگار ويتر پريشاني جو شڪار آهن، ان سلسلي ۾ زميندارن ۽ آباگارن ارسلان سيلرو، انور علي ڀٽو، منور خان پٺاڻ، لالاڪاظم خان، ٻاجي خان شر، انور علي چاچڙ، ديدار علي ڀٽو، ابراهيم مهر، گلشير چنه ۽ سماجي اڳواڻ سيد نسيم حيدر شاھ، مختيار ميمڻ ۽ ٻين چيو آهي ته برساتن سبب جون ۾ لڳندڙ ساريون هن مهل تائين پوکي ناهيون سگهيا جنهن ڪري مند نڪرندي پئي وڃي، آگسٽ پهرين تاريخ تائين اگر ٻج جي پوکي نه ته ساريالو فصل نه ٿي سگهندو مٿان ٿڌڙي پئجي ويندي، هنن چيو آهي ته تيز برساتن سبب پوکيل ٻج لڙهي سڙي ويا آهن جنهن سبب آبادگارن جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي پر حڪومت سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جون ڪنهن به قسم جو توجهه نه آهي ته آباگارن کي رليف مهيا ڪيو وڃي، هن وقت لاڙڪاڻو ڊويزن کي به تيز برساتن سبب آفت سٽيل قرار ڏئي فوري طور تي آبدگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ مهيا ڪيو وڃي ته جيئن ترت پوکي ڪري معاشي بحران کان بچي سگهجي، ٻئي طرف ايم اين اي غوث بخش خان مهر قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صورتحال بابت آگاهي ڏئي آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ مهيا ڪرڻ جي تجويز ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.