ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ تباھ ڪاريون، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين سميت سم نالا اُبتا وھڻ لڳا

گھوڙاٻاري(رپورٽ: سيد امير شاھ ڀاڏائي) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ برساتي تباھ ڪاريون، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين سميت مختلف سم نالا اُبتا وھڻ لڳا، ميرپور ساڪري تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ  پاڻي هيٺ، متاثر بي يارو مددگار، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين جا گيٽ ناڪاره هجڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ميرپور ساڪرو تعلقي جي يوسي ڪرمپور جي ڳوٺ مولوي اشرف چانڊيو مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڳوٺ جا لنگھ بند ٿي ويا ڳوٺاڻن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، متاثر ڳوٺاڻن علي اڪبر چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، رسول بخش، مير محمد، ڌڻي بخش، عبدالواحيد، محمد صديق، سومار چانڊيو ۽ ٻين متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته حاليا تيز طوفاني برساتن سبب اسان جو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي  ڳوٺ جي چوطرف پاڻي آهي ڪجھ گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن سم نالو اُبتو وھڻ سبب ڳوٺ کان شهر ويندڙ روڊ ٽٽي ويو آهي جنهن ڪري شهر سان رابطو ڪٽيل آهي بيمار مريض اسپتال پھچائڻ لاءِ پريشان آھيون ھنن وڌيڪ چيوته برسات کي 11 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن مھل تائين اسان وٽ انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن مان ڪير به لڙي نه آيو آهي ھنن ڊي سي ٺٽو ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي زميني رابطو بحال ڪري اسان جي واھر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.