ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سالن کان سڪل درياهه ۾ پاڻي پهتو، گهر پاڻي هيٺ

حيدرآباد(رپورٽر) آبادگار اڳواڻن، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سالن کان سڪل ۽ اڃاريل درياهه ۾ ڪجهه مقدار ۾ پاڻي پهچڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيلٽا ۾ سمنڊ تائين پاڻي جي رسائي نه ٿيڻ ڪري  سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، جر جو پاڻي ۽ سنڌ جي ماحوليات تباهه ٿي وئي آهي، هاڻوڪين برساتن جي نتيجي ۾ ننڍن فصلن کي نقصان پهتو آهي، پر آبادگارن ۽ هارين کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ڪو به قدم نه کنيو آهي، ڦُٽي جي فصل کي نقصان پهتو آهي، پر ڦٽي جو اگهه ڪيرايو ويو آهي، جنهن جي ڪري اڳ ئي نقصان جو شڪار ٿيل آبادگار وڌيڪ معاشي بحران جي ورچڙهي ويا آهن، برساتن جو سلسلو ختم ٿيڻ شرط ئي حڪومت سروي ڪرائي ۽ نقصان جي صورت ۾ آبادگارن ۽ هارين جي لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ۽ ان سان گڏ آبادگارن کي بچيل فصلن جا مناسب اگهه ڏياريا وڃن. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ جن علائقن ۾ وڌيڪ برسات ٿي آهي اتي فصلن کي نقصان پهتو آهي، ننڍا فصل ۽ ڀاڄيون سخت متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته وڏن فصلن ۾ ڪمند کي هن برسات جي ڪري فائدو ٿيندو. هن چيو ته ننڍن فصلن تي به آبادگارن جو لکين روپيا خرچ ٿيل آهي پر برسات جي ڪري اهي فصل تباهه ٿي ويو آهي. هن چيو ته هن وقت برسات جو سلسلو هلندڙ آهي ان ڪري اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته آبادگارن کي ڪيترو نقصان پهتو آهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته برسات جو سلسلو بند ٿئي ۽ ڪا سروي ٿئي جنهن مان خبر پئجي سگهي ٿي ته آبادگارن کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته مرچ ۽ ڦٽي جو فصل ته گهڻي ڀاڳي نقصان جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن ته ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ڊيزل جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، ڳاٽي ٽوڙ بجلي جا بل اچي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ زمين آباد ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، مٿان وري فصلن جا مناسب اگهه نٿا ملن، ڦٽي هاڻ وڃي 4 هزار روپيا مڻ تائين پهتي آهي. هن چيو ته هن وقت درياهه ۾ ٿورو گهڻو پاڻي اچڻ سان درياهه جي لاءِ هڪ اميد پيدا ٿي آهي، سالن کان درياهه سڪل هو، سمنڊ تائين پاڻي جو ڇوڙ نٿو ٿئي، جنهن جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي، سنڌ ۾ جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ مسلسل ٿيندو رهي، هاڻ وڏن ڊيمن اڏڻ جي سازش بند ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ايوان زراعت سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پيل تيز برساتن جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، خاص طور تي ڦٽيءَ جو فصل تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، اتر سنڌ ۾ کجور جي باغن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، زمينن تي بيٺل ڀاڄيون سڙي ويون آهن، جنهن جي ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، ان ڪري سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن ۽ هارين کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي ۽ جيڪي فصل بچي ويا آهن انهن جا مناسب اگهه آبادگارن کي ڏياري، واپارين ۽ ڪميشن خورن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان آبادگارن کي بچايو وڃي. هن چيو ته سنڌو درياهه سالن کان سڪل هو، درياهه ۾ رڳو واري پئي اڏامي جيڪڏهن هاڻ درياهه ۾ ٿورو گهڻو پاڻي پهتو آهي ته اها سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، سالن جي وقفي کانپوءِ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ لٿو آهي، پر اهو پاڻي به اڃا گهڻو گهٽ آهي ڊيلٽا تائين پاڻي جي رسائي سان ئي سنڌ جي ماحوليات ۽ جر تي هاڪاري اثر پوندا، اميد ڪجي ٿي ته درياهه کي سڪائڻ بجاءِ ان ۾ پاڻي جي آمد سڄو سال هلندي رهي.

  • ٿرپارڪر  ۾ برسات بعد مڇرن جو آزار، مليريا منهن ڪڍيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي سمورن شهرن اسلام ڪوٽ،مٺي،ڏيپلو،ننگر پارڪر،ڇاڇرو،چيلهار،ڏانو،ويراھ واھ،ڪلوئي سميت ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ برساتن  بعد مڇرن رڻ ٻاري ڏنو آهي،مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري لکين رهواسي راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،شهرن ۾ برسات جو گندو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي،جنهن سبب مليريا پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي،جڏهن ته وسڪاري کانپوءِ پيدا ٿيل زهريلن جيتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، زهريلن جيتن ۽ مڇرن جي آزار باوجود انتظاميا پاران مڇرمار اسپري ناهي ڪرايو ويو،هر سال نالي ماتر رُڳو شهرن ۾ پيٽرول جو دونهون ڪري ڦوٽو سيشن ڪيون ويندو آهي. + پر اصل مڇرمار اسپري ڪڏهن به ناهي ڪيو ويو،خالي پيٽرول جي دونهي عيوض انتظاميا بجيٽ ڪڍي خاناپوري ڪري ڇڏيندي آهي،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن مطابق ته ٿر جي 2305 ڳوٺن ۾ ڪڏهن به مڇار اسپري ناهي ڪرايو ويو،پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 ورهين گذري ويا آهن پر ڪڏهن هڪ دفعو به ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ناهي ڪرايو ويو،اُنهي سلسلي ۾ شهرين ۽ ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪندي گُهر ڪئي آهي ته جلد مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته ماڻهو رات جو سُک سان سمهي سگهن،هر سال صرف شهرن ۾ پيٽرول جو دونهون ڪري بجيٽون هڙپ ڪيون وينديون آهن پر اُنهي دونهي سان مڇر مرڻ بدران ويتر مڇرجي پوندا آهن،نوٽيس وٺي عوام کي عذاب کان بچايو وڃي،

  • کهڙا ۽ ڀرپاسي برسات بعد بيماريون ڦهلجي ويون، صحت کاتي اپاءُ نه ورتا

کهڙا (ن ع آ)  کهڙا ۽ ڀرپاسي برسات بعد بيمارين منهن ڪڍيو. علائقي جا ڪيترائي ماڻھون خارش. ملي. چمڙي. گيسٽرو ۽ ٻين ب يمارين ۾ مبتلا. اسپتالن ڀيڙا. صحت کاتي اپاء نه ورتا. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ مسلسل سانوڻي جي برساتي وسڪارن بعد کهڙا شھر سميت ان جي ڀرپاسي وارن وارن ننڊن وڏن علائقن ۾ مختلف قسمن جي وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آھي علائقي جا ڪيترائي ماڻھون مرد. عورتون توڙي ٻارڙا مليريا. گيسٽرو. خارش. ملي. چمڙي. کنگهه. زڪام. پيٽ ۾ سور ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آھن علائقي جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن اڻلڀ ۽ سهولتن جي کوٽ ھجڻ سبب مريضن خانگي. پرائيويٽ اسپتالن. ڪلينڪين. ميڊيڪل سينٽرن ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو آھي صحت کاتي ڪي به خاص ۽ جوڳا اپاء ناهن ورتا انهي حوالي سان علائقي واسين مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته علائقي مختلف ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وڃن جڏھن ته علائقي ۾ مک. مڇرن ۽ زهريلن جيتن جو پڻ آزار وڌي ويو آھي.

  • ڪاڇي ۾برسات بعد نيئون وھي آيون، ڪيترائي گهر لڙهي ويا

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد  ڪاڇي جي مختلف علائقن مان نيون وهي اچڻ کانپوء   امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاء اي سي ميھڙ  محسن شيخ ۽   آيريگيشن عملدار عبدالرسول جوڻيجو ـ روشن بروھي ـ عاشق چانڊيو  ۽ علي نواز خاصخيلي  ۽  ٻيا آفيسر ايف پي بچاء” بند جو معائنو ڪيو ـ پاڻي جي صطح جو پڻ جائزو ورتو ويو ـ ان موقعي تي اي سي ميھڙ  محسن شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برسات پوڻ ڪري ڪاڇي ۾ نيون وھي آيون آهن ـ اسان جائزو وٺون پيا ـ ڪاڇي جي ڳوٺن جا عارضي طور پاڻي جي ڪري رستا بند آهن ـ اسان ڪوششون وٺون پيا ـ انشاء الله ڪنٽرول ڪري وٺنداسين ـ ڪاڇي جي ڳوٺن جا رستا جلد بحال ڪنداسين ـ جڏهن ته اڄ ڊي سي دادو فريدآباد  پھچڻ جا امڪان ـ ڪاڇي جي  ڪيترن ئي ڳوٺن جا رستا بحال ٿي ناھن سگھيا ـ جڏهن ته ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ ماروئڙا ماڻهو فاڪا ڪشي ۾ مبتلا ـ بکن ۾ پاھ ٿي ويا ـ ڪنهن به سار نه لڌي ـ ھوڏانھن  پ پ خان جي ڳوٺ جي صدر غلام علي کوسو چيو ته اسان تڪ جي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو کي تفصيل ٻڌايا آهن ـ ان ڊي سي دادو کي حڪم ڏنا آهن جلد ڪاڇي جي ڳوٺن جو جائزو وٺي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو ـ ھن چيو ته ڪاڇي ۾ منهنجي ڀائرن جا گھر ٻڏي ويا ڪافي گھرن کي نيون لوڙھي ويون وڏو نقصان ٿيو آهي.

  • برساتي پاڻي نيڪال ڪريو:ڏهرڪي واسي سراپا احتجاج

ڏهرڪي  (ن ع آ)ڏهرڪي ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي،  رستن توڙي گهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي انتظاميا خلاف داد روڊ  واسين اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. شهرين حاجي گل حسن ڏهر، رياض مهر، پپو سيال، افتاب سومرو، غلام نبي لغاري،۽ عبدالستار آرائين  چيو ته هڪ طرف برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي ته ٻئي طرف ٽائون انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري  شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. شهرين  اعلي اختيارين ۽ وس وارن  کان مطالبو ڪيو ته ڏهرڪي شهر  جي رستن، محلن،  گهٽين ۾ بيٺل پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرايو وڃي.

  • ملير  ۾برسات بعد  ندي مان وڌيڪ هڪ ڄڻي جو لاش هٿ،فوتين جو ا نگ 4 ٿي ويو

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) سڄي سنڌ جيان ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ برسات جي ٽن ڏينهن جي مسلسل وسڪاري کان پوءِ مختلف علائقن مان چئن ڄڻن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن جن ۾ گلشن  حديد جو رهواسي نوجوان  28 ورهين جو شهزاد ولد عبدالقادر سومرو، سمون ڳوٺ لڳ مگسي پاڙي جو 12ورهين جو معصوم محمد حنيف ولد دلمراد مگسي، سالار  ڳوٺ ملير جو   17ورهين جو شاهزيب ولد رشيد جتوئي ۽ مانسرھ ڪالوني جو 16  ورهين جو عبدالباسط شامل آهن جن مان مگسي پاڙي جو 12ورهين جو معصوم محمد حنيف ولد دلمراد مگسي ۽ گلشن حديد جو رهواسي نوجوان  28 ورهين جو شهزاد ولد عبدالقادر سومرو جا لاش ملير ندي مان ڳولي سندس مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي ملير ۾ رين ايمرجنسي باوجود جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا جڏهن ته ملير انتظاميا به متاثر خاندان جي ڪا مدد نه ڪئي آهي هن وقت متاثر گهرن ۾ ڪهرام متل آهي فوتي پورهيت خاندان مان هجڻ ڪري سندن وارث سخت مالي مسئلن جو شڪار آهن.

  • ڪوٽڙي ڪبير ۾ برساتي پاڻي بيٺل، شھرين جي اھنجن ۾اضافو

ڪوٽڙي ڪبير  (ن ع آ) ڪوٽڙي ڪبير ۾ چئن ڏينھن کان پوندڙ برسات سبب رستن، گھٽين ۽ گھرن ۾ بيٺل برساتي پاڻي شھرين  جي اھنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي،جنھن ڪري متاثر ماڻھو بي يارو مددگار بڻيل آھن، اڃا تائين نااھل يوسي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ  ڪي قدم نه کنيا آهن.شهر ۾برساتي پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آھي. ڪريم ڪالوني،  ڪچي آبادي ۽ ٻين محلن ۾ برساتي پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آھي جنھن ڪري گندگي وڌي وئي آھي عوام بيمار ٿيڻ لڳو آھي. هوڏانهن يوسي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي.

  • اڪري ڀرسان برسات جو پاڻي ڳوٺ ۾داخل،رهواسي عذاب جو شڪار

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري ڀرسان ڳوٺ خان محمد شر مڪمل برساتي پاڻي جي گهيري ۾ اچڻ سبب رهواسي ٻٽي عذاب ۾  مبتلا ٿي ويا 100 گهرن تي مشمل ڳوٺ جا 70 سيڪڙو گهر مڪمل پاڻي جي گهيري هيٺ آهن ۽ 22 گهرمڪمل ڪري پٽ پئجي ويا آهن جنهن سبب گهرن جا رهواسي بي يارو مدد گار بڻجي روڊ تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن برسات متاثرين  ماجد شر،عابد زاهد ڌڻي بخش مسمات ستابي مسمات گلان ۽ٻين دانهيندي چيو ته برسات بعد برساتي پاڻي اسان جي گهرن ۾ بيٺل آهي ۽مسلسل پاڻي گهرن ۾ موجود هجڻ سبب غريب ماڻهن جا ڪچا ۽ڪکاوان ڪري پٽ پئجي ويا آهن گهر ڪرڻ بعد اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون کائڻ لاء ڪجھ ناهي پيئڻ جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي برساتي پاڻي جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي انسانن توڙي جانورن جو رات ڏينهن جو سڪون ڦٽل آهي مڇرن ۽جراثيمن وارو پاڻي واپرائڻ سبب مليريا گيسٽرو بخار سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهيون اڪثر رهواسي مزدور طبقي سان لاڳاپيل هجڻ ڪري مسلسل 20 ڏينهن کان بيروزگار هجڻ سبب کاڌ خوراڪ جو سامان ۽دوائون خريد ڪرڻ کان قاصر آهن هنن وزيراعلي سنڌ ڊي سي خيرپور ۽تڪ جي چونڊيل نمائندن کان خيما مڇر دانيون کاڌ خوراڪ جو سامان ۽مختلف بيمارين ۾ ورتل مريضن لاء مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو.

  • ڪنڌڪوٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيماريون پکڙجڻ لڳيون

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ : ممتازسنڌي )ڪنڌ ڪوٽ شھر جي روڊ رستن تي برساتي پاڻي ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو ڊگري  ڪاليج روڊ ـ اناج منڊي روڊ ـ مٺا چوڪ ـ ڊي سي روڊ ـ ڀٽائي بازار ـ ۽ ٻين ڪافي ھنڌن ۽ رھائشي علائقي ۾ پاڻي بيھڻ ڪري عوام کي ڪافي پريشانيون مان گذرڻو پئجي رھيو آهي جن علائقن ۾ ڪافي ڏينهن کان پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري پاڻي بدبودار بڻجي بيماريون پکڙجي رھيون آهن دست الٽي ـ بخار ـ خارش ۽ چمڙي جون بيماريون پيدا ٿي ويون جنهن ۾ غريب مسڪين عوام جا ٻار ـ فرد ورتل آهن ڊي سي منور علي مٺياڻي خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ صفائي عملي وٺ ڪنهن قسم جون سھولتون نه ھجڻ ڪري مزدور طبقو آفيسرن جي حڪمن تي سڄو ڏينهن بالٽين سان پاڻي ڪڍڻ ۾ مصروف سي ايم او مقصود جتوئي ۽ ٻيا عملدار صرف ڦوٽو سيشن ڪرائي سوشل ميڊيا تي رکي ۽ رکرائي ذميوارن کان آجو بڻجي رھيا آهي شھر جي اندر گندگي تي ڪنڌ ڪوٽ جي ايم پي اي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي نوٽيس وٺي شھرين کي آزار ڏيندڙ آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪرائي شھر جي صفائي سٿرائي ڪرائي عوام کي سھولت فراھم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

  • سکر ضلعي ۾ برساتن بعد  فصلن تي جيتن جو حملو،زراعت تباهه

روهڙي (ن ع آ) سکر ضلعي ۾ به  لکين ايڪڙ  تي پوکيل ڦٽين جو اهم فصل، سبزيون  ۽ چوپائي مال جو چارو مڪمل طور  تي تباهه ٿي ويو آهي،  جڏهن ته بچيل ڦٽين جي فصل تي جيتن حملو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن  سبب وڌيڪ لکين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود آبادگار فصل کي بچائڻ ۾ ناڪام آهن، هوڏانهن برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪمند جي فصل کي به خطرو آهي، ياد رهي ته سکر ضلعي جي علائقن خاص طور نارا ڪينال جي ٻنهي پاسن کان پوک جو دارو مدار  بجلي تي هلندڙ زرعي ٽيوب ويلن تي آهي هڪ زرعي ٽيوب ويل جو ماهوار بل اڍائي کان 3 لک رپيا موڪليو ويندو آهي، جنهن کي آبادگار ان اميد تي ادا ڪندا آهن  ته هو ڦٽيون، ڪمند ٻيو فصل تيار ٿي وڪرو ڪرڻ بعد سمورو قرض ادا ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا، پر چوماسي جي برساتن سبب لکين آبادگارن مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن،اهڙي صورتحال باوجود سنڌ حڪومت طرفان سکر ضلعي کي هيل تائين آفت سٽيل قرار نه ڏيڻ تي هتان جي آبادگارن کي پنهنجي چونڊيل نمائندن خاص طور سيد خورشيد احمد شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه،  ايم اين اي نعمان اسلام شيخ،   ايم پي اي اويس قادر شاهه ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي . ته هو پنهنجي ووٽرن کي مالي مسئلن ۽ پريشاني  ۾ انهن جو ساٿ ڏيندي سنڌ حڪومت خاص طور  ضلعي سکر کي آفت سٽيل قرار ڏيارين ، ڇاڪاڻ ته ضلعو خيرپور جتي سکر جهڙي صورتحال آهي، ان کي ڪيترائي ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت آ فت سٽيل قرار ڏئي اتان جي عوام کي سموريون سهولتون ۽ سرڪاري امداد  جنهن ۾ ٽيڪسز جي معافي، ڍل وغيره جي معافي ۽ ٻين طريقن سان فائدو ۽ مدد پهچائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

  • نيوسعيد آباد ۾ برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي

نيوسعيدآباد( ن ع آ )  تعلقي ۾مون سون جي برسات انتظامیہ جي پت وائيکي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان پاران مٽياري ضلعي ۾رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي جنهن تي به ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه عمل نه ڪندي صوبائي وزير جي هدايت کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي، انتظاميه جي هٺ ڌرمي سبب شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن بکر جمالي، پراڻي سعيدآباد ،پنجمورو ،امين لاکو، اول ڇڇر ۾برساتي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب پاڻي بيهڻ ۽گندگي جا ڍير هئڻ ڪري زهريلن جيتن جي چڪڻ ڪري سوين معصوم ٻارڙا توڙي مرد، عورتون گيسٽرو سميت ٻين وبائي بيمارين ۾مبتلا ٿي ويا آهن پر خبر هئڻ باوجود چونڊيل نمائندن سميت انتظاميه خاموش آهي، جنهن سبب ماڻهن جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ان کانسواءِ سنڌو درياءَ ۾ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري درياءُ جو پاڻي تيزي سان ڀاڻوٺ ۽ڳوٺ ماڙي محمد خان جي سامهون ايس ايم بچاء بند کي کاڌ ڪري ڀڪون ڪيرائي رهيو آهي جڏهن ته سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ لاءِ آپباشي کاتي پاران پٿرن سان ٺاهيل هيڊ ٽي اسپر کي پڻ پاڻيءَ کاڌ ڪري ان جو 20 فوٽ حصو ڳڙڪائي ويو آهي ۽هيڊ ٽي اسپر کي مختلف هنڌن تان وڏا ڏار پئجي رهيا آهن، جڏهن ته برساتي پاڻي سبب ايس ايم بچاء بند کي پڻ هنڌان هنڌان 5 کان 10 فوٽ جا کڏا پئجي ويا آهن. اهڙي صورتحال سبب ڪچي توڙي پڪي جي ماڻهن ۾خوف واري صورتحال ڇانيل آهي،ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪچي ۾پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن آبادگارن ڪاپاري نقصان پهتو آهي، سنڌو درياءَ ۾ٻوڏ واري صورتحال ۽بند جي نازڪ حالت جي اطلاع تي آبپاشي کاتي جا عملدار چيف انجنيئر ۽ايڪسيئن ڀاڻوٺ وٽ سنڌو درياءَ تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽هنگامي بنيادن تي هيڊ ٽي اسپر جو ٻيهر مرمتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي ۽بند تي پوليس چوڪي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

  • اڏيرو لال ۾ بااثر فصل ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ  روڊ ٽوڙي ڇڏيو

اڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال) تازي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ بااثر زميندار  محمد خشڪ ڏھدري موري لڳ اڏيرولال اسٽيشن وايا مٽياري لنڪ روڊ کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ٽوڙي ڇڏيو آهي، روڊ ٽوڙڻ کان پوء روڊ جو اڌ حصو برساتن سبب لڙهي ويو آھي، جنھن ڪري ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سخت ڏکيائي پيش اچي رھي آهي ۽ رات جي وقت ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو. ھتان جي سياسي سماجي ڌرين ۾ ڪاوڙ واري لھر ڇائنجي وئي آهي. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته روڊز کاتي جي عملدارن جي خاموشي مان لڳي ٿو کاتي جي عملدارن ھٿ سان روڊ کي ٽوڙايو آهي.  اڏيرولال اسٽيشن ويا مٽياري لنڪ روڊ کي ٽوڙي پنهنجن فصلن کي بچائڻ لاء بااثر زميندار غيرقانوني ڪم ڪيو آهي.  سياسي سماجي ڌرين روڊز کاتي جي عملدارن جي نااھلي تي سخت افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي.  ته فوري طور سرڪاري ملڪيت کي نقصان پھچائيندڙ بااثر زميندار خلاف ڪيس داخل ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي مقرر عملي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.

  • گھوٽڪي جي بچاءُ بندن  جي مرمت لاءِ آيل پئسن ۾روڙو

چڪ شھباز پور (ن ع آ)  قادرپور لوپ بند شينڪ بند ۽ رائونتي بند جي پٿرن جي پچنگ ۽ مرمت لاءِ ملندڙ اربين رپين ۾ آبپاشي عملدرن روڙو هڻي ڇڏيو.ٻڌايو وڃي ٿو ته سيڊا ڊائريڪٽر گھوٽڪي انجنيئر خورشيد کوکر، انجنيئر امير بخش بوزدار ۽ ٽينڊر ڪلارڪ مير محمد گبول جي ملي ڀڳت سبب گھوٽڪي ضلعي جي بچاءَ بندن جي مرمت اسٽون پچنگ جي مد ۾ سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان ملندڙ ھر سال اربين رپيا بغير ڪنهن ڪم ڪرائڻ جي فرضي ڪمپنين جي نالن تي ڪرپشن جي نذر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب بچاءُ بندن جي اسٽون پچنگ جو ڪم صرف ڪاغذي ڪاررواين تائين محدود ھجڻ ڪري رائونتي بند، شينڪ بند ۽ قادر پور لوپ بند سميت ٻين بندن کي مختلف ھنڌن تان روڻيون پئجي ويون آهن، جنھن سبب درياهي وهڪرا وڌي وڃڻ ڪري ڪچي جا سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. ياد رھي ته 2010ع جي مھا ٻوڏ بعد وفاقي حڪومت ورلڊ بينڪم سنڌ سرڪار ۽ گھوٽڪي ضلعي جي صنعتي ادارن پاران گھوٽڪي ضلعي جي بچاءَ بندن لاءِ اربين رپين جا فنڊ جاري ڪيا هئا پر بندن جي مضبوطي جو ڪم صرف نالي ماتر ڪيو ويو ھوم جنھن بعد نيب جي ٽيم ڇاپو ھڻي رڪارڊ ضبط ڪرڻ بعد اڳوڻي ايس ڊي او آغا فيض رسول کي حراست ۾ پڻ ورتو ھو، جنھن مٿان اربين روين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ بعد 2017ع ۾ احتساب عدالت سکر آغا فيض رسول کي پنج سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي ھئي. ٻئي پاسي بندن جي زبون حالي جي حوالي سان گذريل ڏينھن قومي امن ڪاميٽي جي صوبائي اڳواڻ الله ڏوايو ڪلھوڙو، نثار احمد شيخ بچاءُ بندن جو دورو ڪري جائزو ورتو. ان موقعي تي هنن اعلي اختيارين کان  گھر ڪئي ته فوري طور تي بندن جي مرمت جي مد ۾ ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي بندن جي مضبوطي کي يقيني بڻايو وڃي هنن چيو ته ايريگيشن اسڪارپ کاتي جو عملو بچاءُ بندن تي پهتل آهي جيڪو هڪ بهترين ۽ ساراهه جوڳو عمل آهي.

  • نيوسعيد آباد ۾انتظاميا جي نااهلي سبب قبرستان ۾ پاڻي بيٺل

نيوسعيدآباد( ن ع آ) تيز برسات پوڻ سبب شهر جو مين قبرستان به پاڻيءَ سان ڀريل آهي، پاڻيءَ جي بيهڻ ۽نيڪال نه ٿيڻ ڪري  ڪيتريون ئي قبرون ڊهي ويون آهن، انتظاميه جي بي حسي تي شهرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪامورا شاهي برسات جي آڙ ۾ڪوڙا ووچرٺاهي ڪرپشن ڪرڻ ۾مصروف آهن جنهن سبب شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر جي صفائي ڪري پاڻي نيڪال ڪري رهيا  نيوسعيدآباد :برسات پوڻ سبب ڪيترائي ڪکاوان توڙي ڪچا گهر ڪري تباهه ٿي ويا آهن پر انتظاميه برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آهن ۽نه برسات متاثرن کي ٽينٽ، مڇر دانيون ڏنيون ويون آھن، ذريعن موجب برسات متاثرن کي آيل سمورو سامان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس ۾پيل آهي جيڪو مخصوص ماڻهن کي ڏنو ويندو ۽متاثر پنهنجي حق کان محروم ٿي ويندا.

  • پني عاقل ۾ برساتن سبب بچاءُ بندٽٽڻ جو خطرو، ڪچي واسين جو احتجاج

پنوعاقل (رپورٽ:رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي ۾ برسات سبب بچاءُ بند کي مختلف ھنڌن تان   ڏار پوڻ جو آبپاشي انتظاميا نوٽيس نه ورتو ۽ نه آبپاشي عملدار معائنو ڪرڻ لاءِ پھتا. علائقي واسين جي اطلاع ڏيڻ باوجود بندن جي مرمت لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا  ويا آهن،  جنھن تي علائقي واسين جبار چاچڙ، اربيلو چاچڙ، لياقت چاچڙ، واحد چاچڙ، غازي چاچڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن دانهيندي چيو ته برساتن سبب بند کي ڏار پئجي ويا آهن، ڪچي ۾ ٻوڏ اچي وئي آھي ۽ ارسا پاران ٻوڏ به ڊڪليئر ڪئي وئي آهي پر ان باوجود پنوعاقل جي بندن جي  مرمت توڙي نگراني ناھي ڪئي وئي، جنھن ڪري  بند ڀڄڻ جو خدشو آھي، ھنن آبپاشي کاتي جي وزير کان معاملي جو نوٽيس وٺي بندن جي مرمتي ڪم جلدي شروع ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

  • ھاليجي ڍنڍ مان واڳون نڪري آيا، رستن تي سفر، ڳوٺاڻن ۾ خوف

جنگشاھي ( ن ـ ع آ) جنگشاھي لڳ ضلعي ٺٽي جي ٻيون نمبر وڏي 18 ڪلوميٽرن تي ڦھليل مشھور سينچري قرار ڏنل ھاليچي ڍنڍ مان برساتن بعد ڪوھستاني پٽي مان وھي آيل اوٺي نئي جو پاڻي ھاليچي ڍنڍ جي بند سان ٽڪرائجڻ توڙي کامن ۾ داخل ٿيڻ بعد ڍنڍ ۾ پاليل واڳون کاڌ خوراڪ صحيح نہ ملڻ ڪري ڍنڍ مان نڪري آبادين وارن علائقن جو سفر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اھي، جنھن ڪري علائقي واسين ۾ خوف طاري ٿي ويو اھي، گذريل رات دير سان ھاليچي ڍنڍ مان نڪتل ھڪ وڏو خطرناڪ ماگر مڇ واڳو ڍنڍ مان نڪري روڊ تي پھچي جبلن جو زخ ڪيو، جنھن کي ڳوٺ مڱيلڌو جوکيو جي رھواسين ڏسي اھڙو اطلاع جنگشاھي پوليس توڙي وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي ڏنو، جنگشاھي پوليس پوسٽ جي انجارچ نجم الدين بلو پنھنجي ٽيم توڙي وائلڊ لائف کاتي جي عملدارن سان گڏجي سرزمين تي پھچي مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان ريسڪيو ڪري واڳو کي جھلي وائلڊ لائف کاتي جي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو، جن پڪڙيل واڳو کي ٻيھر ھاليچي ڍنڍ ۾ ڇڏي ڏنو آھي، ٻئي طرف مقامي رھواسين جو چوڻ آھي تہ ھاليچي ڍنڍ ۾ وڏي تعداد ۾ واڳون موجود اھن، جيڪي بک وگھي ھميشہ انسانن توڙي جانورن تي حملا ڪندا رھن ٿا، جن ڪافي انسان کي زخمي ڪرڻ سميت جانورن کي بہ نقصان پھچايو آھي، ھنن خدشو ظاھر ڪيو آھي تہ ٿي سگھي ٿو تہ وڌيڪ واڳو ڍنڍ مان نڪتا ھجن، جيڪي وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگھن ٿا، ھنن وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي اپيل ڪئي تہ ھو ھاليچي ڍنڍ اندر واڳون جي نگراني ڪن، جيئن ڪوبہ واڳو ڍنڍ کان ٻاھر نہ اچي سگھي، جيڪڏھن واڳو ٻاھر آيا تہ اھي خونخوار واڳون انسانن توڙي جانورن لاء نقصانڪار ثابت ٿي سگھندا، ان ڪري انھن جي نگراني ڪري کين ڍنڍ اندر روڪيو وڃي. ياد رھي تہ اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ممتاز علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ھاليچي ڍنڍ ۾ واڳون ڇڏيا ويا ھئا، جيڪي وڌي ھن وقت تائين ھزارن تائين پھچي ويا آھن، جن کي انتظاميہ طرفان ايندڙ بجيٽ مطابق کاڌ خوراڪ نہ ملڻ ڪري واڳون بک وگھي ڍنڍ مان ٻاھر نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي انسانن توڙي جانورن لاء انتھائي نقصانڪار ثابت ٿي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن جي کاڌ خوراڪ لاء ايندڙ بجيٽ ھڙپ ڪري کين بک تي ڇڏيو ويو آھي، جيڪي پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاء ڍنڍ مان ٻاھر نڪري آبادين طرف وڌڻ لڳا آھن، جنھن ڪري رھواسين ۾ خوف طاري ٿي ويو آھي، جن رات جي وقت گھرن مان نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي.

  • ڏوڪري ۾ برسات سبب ٿاڻي جو لاڪ اپ ۽ مال خانو ڪري پيو

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ برساتن سبب ٿاڻي جو لاڪ اپ، مال خانو ۽  ايس ايڇ او ھائوس جي ڀت ڪري پئي.مال خانو ڪِرڻ سبب  ھٿيارن کي نقصان پهتو جڏھن ته لاڪ اپ جي ڇتِ مان پاڻي ٽمڻ ڪري جوابدارن کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او محمد ابراهيم بروهي ٻڌايو ته ڏوڪريءَ ٿاڻي جي بلڊنگ زبون ٿي وئي آهي، ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي، جنهن ڪري نقصان جو انديشو آهي. هن چيو ته ٿاڻي جي نئيرن عمارت لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي لکيو آهي.

  • گمبٽ مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهرين کي ڏکيائيون

گمبٽ(ن ع آ ) گمبٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو, شهر جي مک رستن ۽گھٽين ۾  برسات جو پاڻي تلائن وانگر بيهجي ويو آهي.  شهر جي ڀٽائي چوڪ, سبزي مارڪيٽ, مسڻ پاڙو,مڊوي گلي, غريب آباد,پير پاڙي سميت ٻين هنڌن تي تلائن وانگر پاڻي بيٺل آهي. جنهن ڪري شهري تڪليف واري زندگي گذاري رھيا آهن ۽ برساتي پاڻي سبب شهرين جا ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويا آهن. شهرين ڪمشنر سکر, ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين جي تڪليف دور ڪري شهر ۾ صاف سٿرو ماحول مهيا ڪيو وڃي.

  • خيرپور ضلعي کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو وڃي: وڪيل اڳواڻ

اڪري چودڳي (ن ع آ)  فيض گنج بار جي صدر ايڊووڪيٽ اسد الله راڄپر ۽جي ڊي اي فيض گنج اڳواڻ محمد شاهد شر سانوڻي جي  23 ڏينهن کان مسلسل پوندڙ برساتن جي ڪري تعلقي فيض گنج ۾ مڪمل فصل گهر تباھ ٿيڻ ۽ برسات سبب پوندڙ ٻين نقصانن جي پورائي ڪرڻ لاء وزيراعظم پاڪستان وزيراعلي سنڌ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ضلع ڪمشنر کي فيض گنج تعلقي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ لاء درخواستون اماڻيون ويون آهن درخواستن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سانوڻي جي برساتن سبب تعلقي فيض گنج جي اڪثر علائقن ۾ فصل تباھ ٿي ويا آهن برساتي پاڻي جي ڪري ڪافي تعداد ۾ گهر ڪري پيا ۽7 کان وڌيڪ انساني جانيون پڻ ضايع ٿيون آهن ۽غريب مسڪين ماڻهن جو چوپايو مال پڻ مري ويو آهي درخواستڻ ۾ گذارش ڪئي ويئي آهي ته انساني الميي جي پيدا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ فيض گنج جي عوام کي فوري طور تي کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.  انهن کي امدادي پيڪيج ڏئي سندن مالي مدد ڪئي وڃي ۽ کين گهر ٺهرايا ڏنا وڃن وڃن.

  • خيرپور ۾برسات جا ڪلور،هزارين مڻ ڇوهارا ۽ کارڪون خراب

پريالو (ن ع آ) ملڪ  ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان هلندڙ برساتن سبب خيرپور ضلعي جي کجين کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي جولاء مهيني ۾ تيار ٿيندڙ کجي جي فصل ۾ ڪٽائي جولائي مهيني جي 5 کان 10 تاريخ کان شروع ٿي ويندي آهي جنهن سبب ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پورهيت ، مزدوري لاء خيرپور ضلعي جو رخ ڪندا آهن ۽ کجي جي دصل تي مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندا آهن پر هن سال کجي جي سيزن شروع ٿيندي ئي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب خيرپور ضلعي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل کجيون مان 50 کان 60 سيڪڙو مال برساتن سبب ڪري تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته آبادگارن ۽ باغائين پاران کجيون ڪٽي تيار ڪيل هزارين مڻ  کارڪون ۽ ڇهارا پڙن ۾ برساتن جو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب خراب ٿيڻ لڳو آهي جنهن سبب آبادگارن ۽ کجين جي ٺيڪيدارن جا مٿي تي هٿ اچي پيا آهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پريالوء ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن جي صدر قاضي عبدالحليم ميمڻ   نعمان بلوچ ، آصف ڌاريجو ، ايڊوڪيٽ امتياز علي ڌاريجو ۽ بين صحافين کي ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي 80 فيصد ماڻهن جي گذرسفر جو ذريعو کجين جو فصل تي هوندو آهي ۽ خيرپور ضلعي ۾ لکين ايڪڙن تي مختلف جنسن جون کجيون پوکيل آهن هن سال کارڪڻ جي سيزن شروع ٿيندي ئي برساتن جو نه رڪجندڙ سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ هزارين کجين ۾ تيار بيٺل مال برسات سبب تباه ٿي ويو آهي جڏهن ته هيڪڙ ٻيڪڙن سج نڪرڻ بعد آبادگارن ۽ ٻاغاين پاران ڪٽي ڇهار ۽ کارڪون تيار ڪرڻ تي آس تي سڪڻ لاء رکيل ڇهار ۽ کارڪون مسلسل برساتن پوڻ سبب کجين جي پڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب خراب ٿي ويو آهي جنهن سبب اسان کجين جي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهتو آهي ۽ ننڍا آبادگار توڙي وڏا آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن هنن اعلي اختيارين برساتن ۾ ٿيل نقصان جو نوٽيس وٺي آبادگارن لاء پيڪيج منظور ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته هلندڙ برساتن سبب ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل پورهيت پڻ سخت پريشان ٿي ويا آهن کجين تي مزدوري جي آسري تي ٻچا ساڻ ڪري واهن جي ڪپرن توڙي ڳوٺ جي ٻاهران ڌيرا ڄمائي پورهيو ڪندڙ پورهيتن کي برساتن سبب مزدوري ڪانه ملي سگهي آهي جنهن سبب آهي واپسي جي ڪراين توڙي ماني ٽڪي لاء دربدرٿي ويا آهن جڏهن ته وڏن باغاين وٽ 10 کان 70 مزدور هئڻ سبب آبادگارن کي ڪم بند هئڻ ڪري مزدورن کي ماني کارائڻ لاء پريشان ٿي ويا آهن.  جڏهن ته ڪيترن ئي باغاين توڙي آبادگارن مزدورن کي جواب ڏئي واپس روانو ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.