ٽنڊو مستي ۽ ڀرپاسي برسات جا راڱا، ڀت ڪرڻ سبب ٻار فوت

خيرپور (س ر) يوسي ڪولاب جيئل جي  ديھ گاڏهي  ۾ تيز برسات دوران گهر جي  ڀت ۽ دروازو ڪرڻ سبب  معصوم ٻار 8 سالا شڪيل ولد زاهد  حسين چانڊيو موقعي تي فوت ٿي ويو ,  نينگر جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو , جڏهن ته بعد ۾  فوت ٿيل نينگر جي جنازي نماز بعد سندس اباڻي  قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو , ٻئي طرف ايم اين اي سيد جاويد علي شاه جيلاني , ايم پي اي نعيم احمد کرل جي هدايتن تي  يوسي چيئرمين ڪولاب جيئل اظهر ابڙو , سيد ليمڻ شاه , ڪائونسلر عبدالحميد چانڊيو آصف ابڙو ۽ ٻين تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.  نينگر جي پوئيرن سان تعزيت جوسلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.