سانگي ڀرسان مينهوڳي ۾ ڀِت ڪرڻ سبب ٻارڙو دٻجي فوت

سانگي (رپورٽ:انور جتوئي) سانگي ۾ مسلسل برساتن سبب هڪ گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙو دٻجي فوت ٿي ويو.رپورٽ موجب ڳوٺ لاکو لنجاري ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 8 سالن جو ٻارڙو انعام مھر ملبي ھيٺان دٻجي ويو.ڳوٺاڻن ملبي مان ٻار کي ڪڍي ورتو، جنهن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.فوتي نينگر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ بگو شير بادشاهه جي درگاه پير بائد قبرستان ۾دفنايو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.