ٽنڊو آدم ۾ زميندار جي پٽ پاران پورهيت جي نياڻي مبينا اغوا، عورتن سوڌو ڌرڻو

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ الله بخش خاصخيلي ۾ ٿر مان مزدوري سانگي آيل پورهيت رائچند ڀيل جي  15 سالن جي ڌي حاجرھ ڀيل کي زميندار جو پٽ فرمان خاصخيلي مبينا طور اغوا ڪري ويو آهي واقعي  بابت بي سيڪشن ٿاڻي تي ٽن جوابدارن فرمان خاصخيلي، سندس پي ولي محمد عرف ولو ۽ لکانو خاصخيلي خلاف اين سي داخل ڪئي آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي .  ناري کي اغوا ڪندڙ جوابدارن ۽ بي سيڪشن پوليس خلاف وارث مردن ۽  عورتن  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ناري جي والد رائچند ڀيل ، ماء ڪسوبي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو  ته اسين اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ميهاري بجير مان هتي مزدوري لاء آيل آهيون زميندار ولي محمد جون ڦٽيون چونڊڻ جي مزدوري ڪرڻ لڳاسين جتي فرمان خاصخيلي منهنجي ڌي 15 سالن جي حاجرھ ڀيل کي اغوا ڪري ويو آهي ٿاڻي تي دانهڻ تي وڏيري اسان کي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو آهي پوليس به مدد نه ٿي ڪري ۔هنن اختيارين کان ڌي جي بازيابي جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.