عمران خان قانون کان مٿانهون آهي؟

تحرير: سجاد ٻرڙو

هونئن ته هن ملڪ اندر شروع کان ٻه نظام هلندا آيا آهن ۽ ٻن الڳ الڳ طبقن غريبن ۽ اميرن لاءِ الڳ الڳ قانون جي نظام، تعليم جي نظام کان وٺي رهڻي ڪهڻي ۽ رهائشي علائقن تائين ڏينهن ۽ رات وارو فرق نظر ايندو آهي پر هاڻي ڪجهه ورهين کان ملڪ اندر اشرافيه جي ٻن طاقتور ڌڙن اندر ويڙھ کان پوءِ هتي اشرافيه لاءِ به الڳ، الڳ قانون رائج ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ لاڏلن ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن لاءِ هڪ قانون آهي ته ٻين ”گهٽ لاڏلن“ لاءِ وري ٻيو قانون نظر اچي پيو ۽ اهو فرق هاڻي سر عام پارليامينٽ ۽ عدليه اندر پڻ ميڊيا ذريعي هلندڙن بحث مباحثن دوران ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي.

ان بابت وڌيڪ لکڻ لاءِ سڀ کان پهريان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هلندڙ ”ٽالڪ شوز“ جون مهربانيون مڃڻيون پونديون جن ۾ اهڙن مامرن ۽ ادارن تي به ڳالهايو ويو جن بابت پهريان چپ چورڻ توڙي لکڻ تي پابنديون هيون ۽ ”مقدس ڳئون“ بڻيل ادارن جي پاليسين تي ڳالهائڻ يا لکڻ پاڻ لاءِ عذاب کي دعوت ڏيڻ برابر هوندو هو ۽ هاڻي ته بچيل سچيل ڪسرون سوشل ميڊيا پوريون ڪري ڇڏيون آهن، جتي مختلف ماڻهو مختلف ادارن جي ڪنهن به تڪراري پاليسي يا عمل تي کليل نموني تنقيد ڪري ويندا آهن.

جيتوڻيڪ مختلف وقتن جي حڪومتن اهڙن عملن مطلب ادارن جي پاليسين يا تڪراري عملن تي تنقيد کي ادارن تي حملو قرار ڏئي ان خلاف سخت قانون آڻڻ جون پڻ ڪوششون ڪيون پر اظهارِ راءِ جي علمبردارن کي هر جڳھه تان ڪاميابيون پلئه پيون.

اهو ئي سبب آهي جو اڄ پارليامينٽ سان گڏوگڏ پريس ڪانفرنسن توڙي انٽرويوز ۾ سياستدان پڻ ڪنهن به "مقدس ڳئون” قرار ڏنل جي تڪراري عمل توڙي پاليسي تي کليل نموني ڳالهائي سگهن ٿا، جيئن ڪجهه ورهيه پهريان پارليامينٽ کان ٻاهر ۽ هاڻي پارليامينٽ اندر به سخت مزاحمت ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي ۽ جيڪي ”گهٽ لاڏلا“ آهن اهي ”خاص لاڏلي“ ۽ ان جي لاءِ سهولتڪار بڻيل ڪنهن به اداري سان تعلق رکندڙ ڪنهن به شخصيت کي نه پيا بخشين، خاص طور تي اربع واري ڏهاڙي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو پارليامينٽ اندر واضح نالو کنيو ويو، جيڪو پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ هميشه هميشه لاءِ لکجي چڪو آهي ته ڪيئن انصاف جي سڀني کان اعلي ڪرسي تي ويٺل شخص پنهنجي فرضن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران هيروگيري ۽ خوشامد ڪندي پنهنجي پسند جي ماڻهوءَ لاءِ رستا کوليندو رهيو هو!

اڳوڻي چيف جسٽس جا ٻيا به ڪيترائي ئي تڪراري عمل آهن جيڪي هن کي ڪنهن به صورت نه ڪرڻ گهرجن ها، جيئن تڪراري ۽ ملڪ جي صوبائي اسيمبلين منجهان رد قرار ڏنل  ڪالاباغ ڊيم سميت مختلف ڊيمن بابت پنهنجي منصب کان هٽيل حرڪتن ۽ شاھ رخ جتوئي ڪيس دوران عجيب مسخرن واريون حرڪتون به سندس کاتي ۾ آهن، جيئن ڊيمن بابت اختلافي راءِ رکندڙن خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ وارو کل جوڳو اعلان ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڊيمن تي چوڪيداري ڏيڻ واري ڳالهھ هئي، خاص طور تي آرٽيڪل 6 واري اعلان تي پوري سنڌ جيڪو ردِعمل ڏنو هو ۽ هارين، نارين، ٻڍن ٻارن جيڪا للڪار ڪئي هئي، تنهن للڪار ضرور هن جي دل کي ڏهڪائي ڇڏيو هوندو، تڏهن ئي ته رٽائر ٿيڻ کان بعد صاحب ڊيمن جي چوڪيداري وارو فرض ادا ڪرڻ ته پري جي ڳالھه ملڪ اندر ئي ڳوليو به نه پيو لڀي.

صرف جسٽس ثاقب نثار ئي نه پر ٻيا به ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ بدران ٻين مامرن ۾ ٽنگ اڙائيندا رهيا پر احتسابي مرحلي منجهان صرف ۽ صرف سياستدانن کي گذرڻو پوندو آهي ۽ هاڻي ته وري سياستدانن ۾ به عمران خان جهڙو هڪ اهڙو سياستدان پيدا ڪيو ويو آهي جنهن جو احتساب ڪرڻ ناممڪن پيو لڳي ۽  مختلف سياستدان پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي باري ۾ ”خيالن جو اظهار“ ڪندي اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته ”عمران خان قانون کان مٿانهون آهي، ڪو به ادارو کيس گرفتار نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به سندس رستي روڪ نه ٿو ڪري سگهي!“ مختلف سياستدانن جي انهن لفظن تي غور ويچار ڪجي ۽ مختلف واقعن جو پس منظر ڏسجي ته اهي لفظ ڪافي حد تائين حقيقت محسوس ٿيندا آهن ۽ سواءِ عدليه بحالي تحريڪ واري دور ۾ ڪجهه ڏينھن واري قيد کان علاوه باقي عمران خان ڪجهه به ڪيو هجي، ڪو به ان تي ڪا به پابندي نه لڳائي سگهيو آهي، ڪو به سندس رستا روڪ نه ڪري سگهيو آهي، ڀلي پوءِ اهي نواز شريف واري دور ۾ سول نا فرماني جون ڌمڪيون هجن، پي ٽي وي ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي حملا هجن، بي اعتمادي واري رٿ اچڻ مهل قومي اسيمبلي جي قانون توڙي ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارا عمل هجن يا هن ئي سال 25 مئي واري ڏينهن پوري اسلام آباد کي يرغمال بڻائي رکڻ يا ادارن ۽ ملڪ خلاف انتهائي سخت ٻولي ڳالهائڻ ۽ سخت بيانئي تحت سرگرميون هجن، عمران خان کي هر شئي ”ڦٻي“ ويندي آهي، ايتري قدر جو سندس ڀيڻ خلاف ۽ هن جي ٽين گهر واري جي دوست فرح گوگي خلاف پڻ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي، ويتر کيس هڪ اڳوڻي جنرل جي سرگرم ٿيڻ کان پوءِ باقاعده ”اسپيس“ ڏنو ويو آهي!، جنهن جو پهريون مثال پنجاب ۾ ٿيل ننڍين چونڊن جا حيران ڪندڙ نتيجا آهن ۽ ٻيون مثال سپريم ڪورٽ جي صرف ٽن ججن جو هڪ تڪراري فيصلو آهي، جنهن ۾ حمزا شهباز کي هٽائي پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو!

اها پي ٽي آءِ جيڪا پنهنجي حڪومت دوران ٿيندڙ ننڍي چونڊن دوران ئي هارائي ويندي هئي، هاڻي 20 منجهان 16 سيٽن تي سوڀاري ٿي آهي ته ان جي پٺيان هاڻوڪي حڪومت پاران ڪيل مهانگائي وارو عنصر ايترو ڪارائتو نه هيو، جيترو هڪ اڳوڻي جنرل جي مختلف شعبن جي با اثر شخصيتن سان ڪيل ملاقاتن ”اثر“ ڏيکاريو!.

ان ريت ملڪ هن وقت هڪ اهڙي بحران ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جنهن بابت ”لاڏلي“ پاڻ اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ ان کي روڪڻ هاڻي شايد ڪنهن جي به وس جي ڳالھه نه هجي ۽ ”لاڏلي“ جي اڃا به رستا روڪ ٿيڻ بجاءِ ان جي ڌمڪين ۾ اچي کيس هڪ ڀيرو ٻيهر مختارِ ڪل بڻايو ويو ته پوءِ ايندڙ صرف 15 ورهين اندر ئي ڪنهن اهڙي سانحي جو امڪان آهي جنهن کان بعد ڪنهن کي اهو چوڻ به نه جُڳائيندو ته ”شڪر الحمد الله!، پاڪستان بچي ويو،“ ڇاڪاڻ ته ڊيورنڊ لائين جا انڪاري يا انهن جي رستا روڪ نه ڪندڙ ڪڏهن به هن ملڪ سان سچا نه ٿا ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.