پاڪستان ۾ به سيريل ڪِلر سامهون اچڻ لڳا، ٻارڙين جي عزت غير محفوظ

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ زيادتي کانپوءِ ٻارڙين کي قتل ڪندڙ جوابدار پڪڙجي پيو، جنهن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري چيو ته ڪجهه عرصي ۾ ٻارڙين سان ريپ ۽ انهن جي قتل جي وارداتن ۾ واڌ ٿي، ٻارڙين سان ريپ جو ڪيس اسان لاءِ چئلينج هو، پوليس تي جوابدار جي گرفتاري لاءِ گهڻو دٻاءُ هو، جوابدار زيادتي کانپوءِ ٻارڙين کي قتل ڪري ڇڏيندو هو، جنهن کانپوءِ پوليس ان ڪيس کي حل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون لڳايون.

هن چيو ته هي هڪ اهڙو سيريل ڪلر آهي، جنهن تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، جوابدار انتهائي چالاڪ، ذهني بيمار ۽ سائڪوپيٿ آهي، جوابدار جي سڃاڻپ سهيل جي نالي سان ٿي آهي، جوابدار پشاور جو رهواسي آهي ۽ درزڪو ڪم ڪندو آهي، هو وارداتن لاءِ آچر جي ڏينهن جي چونڊ ڪندو هو.

سندس موجب پڇاڳاڇا دوران جوابدار عجيب انڪشاف ڪيا، جوابدار جي هڪ عادت اها هئي ته واردات کانپوءِ ڪپڙا تبديل ڪري ڇڏيندو هو، اسان کي ٻن واقعن سان جوابدار جو پتو نه پيو پر ٽئين واقعي کانپوءِ پتو لڳائي ورتوسين.

آءِ جي ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ سي سي ٽي وي فوٽيجز جو جائزو ورتو ويو، جوابدار جي عمر 20 کان 25 سال آهي، ان کي جلد ميڊيا سامهون پيش ڪيو ويندو، هن ٻن ٻارڙين کي قتل ڪيو پر هڪ بچي وئي هئي.

واضح رهي ته پشاور ۾ ٽن هفتن دوران ٽن ٻارڙين کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، متاثر ٻارڙين مان ٻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جيئري هٿ آئي هئي، واقعن کانپوءِ علائقي واسي خوفزده هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.