فيسبڪ آمدني ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاٿ

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي ملڪيت رکندڙ ڪمپني ميٽا جي آمدني ۾ لاٿ آئي آهي.

اپريل کان جون جي ٽه ماهي دوران ڪمپني جي آمدني ۾ پهريون ڀيرو هڪ سيڪڙو لاٿ آئي.

ان عرصي دوران ڪمپني جي آمدني 28.8 ارب ڊالرز رهي جڏهن ته گڏيل طور منافعو 36 سيڪڙو لاٿ سان 6 ڏهائي ست ارب ڊالرز رهيو.

مارڪ زڪربرگ لاءِ ميٽا ورز تيار ڪندڙ ڪمپني رئيلٽي ليپ ڊويزن کي ان ٽه ماهي دوران 2 ڏهائي 8 ارب ڊالرز جي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو.

ٻئي پاسي جيتوڻيڪ ميٽا جي آمدني ۾ لاٿ آئي آهي ته پر فيسبڪ کي روزاني استعمال ڪرڻ وارن واهپيدار ٽه سيڪڙو واڌ سان هڪ ارب 97 ڪروڙ تائين پهچي ويا آهن.

گڏيل طور ميٽا جي ملڪيت هيٺ ايپس فيسبڪ، ميسنجر، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ کي روزاني استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن جو انگ 2 ارب 88 ڪروڙ رهيو، جيڪو گذريل سال جي هن عرصي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.