سڀني ادارن جو آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ ضروري آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوري نظام کي اثرائتي طريقي سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورا رياستي ادارا آئين جي مقرر ڪيل دائري ۾ رهي ڪم ڪن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير بابت ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي تقرير ۾ اهو خيال هو ته جمهوري نظام کي اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

سندس موجب ان لاءِ ضروري آهي ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ان شئي کي سمجهڻ بنا اسان رڳو هڪ دائري ۾ گهمندا رهنداسين ۽ ڪٿي نه پهچي سگهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.