اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته سنڌ حڪومت طرفان مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪيان ٿو.
Strongly condemn persecution & arrest of Sindh Opposition leader Haleem Adil Sheikh by Sindh govt. This is pure fascism, reflecting the Zardari-Sharif mafia’s approach of eliminating those they cannot purchase & it is absolutely unacceptable in any democracy.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) July 28, 2022
هن چيو ته اها کليل فسطائيت آهي، جنهن سان زرداري ۽ شريف مافياز جي ذهنيت نظر اچي ٿي ته جنهن کي خريد نه ڪري سگهو ان کي مِٽائي ڇڏيو، هڪ جمهوري سماج ۾ اهڙا حربا قطعي طور برداشت ناهن.
سندس چوڻ هو ته مان پنجاب حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي هدايت ڪئي آهي، گڏوگڏ خيبر پختونخواهه حڪومت کي به ٻوڏ سان متاثر آبادي لاءِ فوري طور امدادي سامان پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.