سياستدان نرم،گرم مداخلت بدران هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪن: سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق چيو آهي ته سياستدانن کي نرم ۽ گرم مداخلت جو مطالبو ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اصلاحات ۽ چونڊ سڌارن کانسواءِ مسئلا ختم نه ٿيندا ملڪ ۾ نه ختم ٿيڻ واري ويڙهه شروع ٿيندي. ادارن کي تڪراري بڻايو ويو آهي عوام جو جمهوريت تان اعتماد کڄي رهيو آهي. مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏين.حڪمرانن کي هڪ ڏينهن الله جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي، جتي انهن جو ڪو ووٽر يا حمايتي نه هوندو.هن  چيو ته ملڪ مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي بيروزگاري جو طوفان ختم نه ٿي رهيو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪاروبار ۽ زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي برساتن ۽ ٻوڏن سوين ماڻهو اجل جو شڪار ڪري ڇڏيا آهن، ماڻهن جا گهر ڊهي پيا آهن، پر حڪمران وڙهڻ ۾ مصروف آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.