دعا زهريٰ جي پيشي دوران جاچ آفيسر صحافين تي پسٽل تاڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) دعازهريٰ  کي عدالت پيش ڪرڻ وقت ڪيس جي جاچ آفيسر سعيد رند  صحافين سان قسم جي بدتميزي ڪئي. جاچ آفيسر سعيد رند صحافين کي ڊيڄارڻ لاءِ پسٽل ڪڍي ورتو۽ ڌمڪيون ڏنيون . دعا زھر يٰ  کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت جو چوڻ ھو تھ دعا زهرا کي پيش ڪرڻ جو حڪم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو هو ته اتي  ماحول ٺيڪ آهي.عدالت سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪئي تھ هاڻي جيستائين عدالت حڪم نه  ڏئي  دعا زهريٰ کي پيش نه ڪيو وڃي.دعازهريٰ کي غير ضروري تاريخين ۾ پيش نه ڪيو وڃي .عدالت چيو ته جڏهن دعاسان ملاقات جي درخواست ايندي ته ان تي غور ڪيو ويندو .مدعي ڪيس جي وڪيل چيو اسان ان جي مخالفت ڪئي آهي نينگري کي وڪيل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. جبران ناصر وڌيڪ چيو ته ڪجهه ميڊيا جا ماڻهو جيڪو جوابدارجي گهروارن سان پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن .ڪجهه ماڻهو جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي الزام لڳائي رهيا آهن ته هو پنهنجي مائي باپ کي خوش ڪري رهيو اسان پهرين ڏينهن ميڊيا کي ان ڪيس کان پري رهڻ جو چيو هو .نينگري کان پچاڻو ڪيو وڃي ته هو سرڪاري وڪيل کان خوش آهي يانه آهي جوابدار ظهير جي وڪيل چيو ته اسان کي درخواست گذار جي وڪيل خاطري ڪرائي ته هو ميڊياسان نه ڳالهائيندو ته اسان به نه ڳالهائيندسين ..03

بجلي بلن ۾ ٽئڪس، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دليل طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾  ٻه رڪني بئنچ بجلي بلن ۾ سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ  خلاف انجمن تاجران سنڌ جي درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت ٻين کان جواب طلب ڪندي چيو آهي ته 16 آگسٽ تائين دليل ڏنا وڃن ته هئي درخواست ٻڌڻ جي قابل آهي يا نه آهي .درخواست گذارجاويد شمس  پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته ننڍا واپاري ان زمري ۾ نٿا اچن .حڪومت جو فيصلو غير قانوني آهي .هن چيو ته سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بجٽ 2022ع ۾ شامل ڪيو ويو .فنانس بل جي موجب ننڍا واپاري به ڪمرشل بجلي ٽيڪس ۾ شامل ٿيندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.