” سنڌ ۾ افغاني نامنظور“ نوابشاهه ۾ جسقم جي تاريخي ريلي، سنڌين جا ڳوٺ ڊاٿا پيا وڃن: صنعان قريشي

نوابشاھ(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) جسقم پاران سنڌ ۾ غير قانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو مختلف رستن کان ٿيندي شيراز چوڪ وٽ پھتي جتي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سنڌ ھن وقت ڏکي صورتحال مان گذري رھي آھي سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو ھي سڀ سنڌي ماڻھو جسقم جا ڪارڪن شھري ان ڪري نڪتا آھيون ھن سنڌ ڌرتي جا وارث ۽ مالڪ اسان سنڌي آھيون سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو آھي ان تي عمل ڪيو وڃي افغانين کي پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي ھن چيو ته  سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي ۽ سنڌ جي وجود ۽ بقا خاطر تاريخي جدوجھد ڪري قومي ۽ ٻڌي ۽ سياسي جدوجھد سان اسان سنڌ کي سنوارينداسين 29 جولائي تي حيدرآباد ۾ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنھن ۾ قومپرست دانشورن اديبن سان صلاح مشورو جي روشني ھيٺ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد فڪر جي روشني ۽ جيڪا شھيد بابا عدم تشدد جي واٽ ڏيکاري ويو آھي ان تي ھلي ڪري ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري ٻيھر اھو نعرو ھڻنداسين سنڌ اسان جي آھي ان جا وارث ۽ مالڪ اسين آھيون ٻيو ڪير به ناھي ھن چيو ته وقت جي حڪمرانن ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ کين سڀ سھولتون ڏئي ڪراچي ۽ بحريا ٽائون سميت سوين غير قانوني رهائشي رٿائون جوڙيون آھن جن کي قانوني شڪل ڏني وئي آھي جڏھن ته سنڌ ڌرتي جي وارثن کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ لاءِ سنڌي ڳوٺ ڊاھايا وڃن ٿا ڪراچي ۾ تازو عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي سرڪاري مشينري سان بلڊوز ڪيو ويو آھي سوين معصوم ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ويو آھي جنھن جي مذمت ڪيان ٿو ۽ گھر ڪيون ٿا ته ڳوٺاڻن تي تشدد ڪندڙن اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ھن چيو ته  ڌارين جا ڊوميسائل رد ڪري سنڌ جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن ھن مطالبو ڪيو ته  سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. انھي موقعي تي ريلي ۾ موجود ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته  منظور پشتين جو چوڻ آھي ته  پشاور، ڪوئٽا ۽ افغانستاني سڀ پختون آھيون انھي مان ظاھر ٿو ٿئي ته  ھي افغاني پٺاڻن جا سھولتڪار آھن اسان مطالبو ٿا ڪيون ته  جيڪي به پرڏيھي سنڌ ۾ رھن ٿا انھن کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي انھي موقعي تي امجد مھيسر، ديدار شام، مومن سمون، پنھل ساريو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.