لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد ڪاروبار بند، نوجوان پاران آپگهات ڪوشش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ممتاز ڪالوني جي رهواسي پورهيت سيد رياض شاھ بيروزگاري کان تنگ ٿي رائيس ڪئنال ۾  ٽپو ڏئي مبينا طور خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مقامي ٽوٻن بچائي ورتو. ان موقعي تي مبينا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پورهيت رياض شاھ صحافين کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ مون سون جي برساتن سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بيروزگار بڻجي گهر ۾ ويٺو آهيان، جڏهن ته هن وقت منهنجي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهھ به ناهي، معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن.  اهڙي صورتحال کان تنگ ٿي مان رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اتي موجود مقامي ٽوٻن مون کي بچائي ورتو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون مسڪين جي حال تي رحم کائي منهنجي مالي سهائتا ڪري ڦاقاڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.