سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان کڏهر موري روهڙي ڪئنال مان نامعلوم شخص جو لاش, ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد سڪرنڊ پوليس ۽ همدرد ايمبولينس عملي معرفت لاش ڪڍي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو, جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته لاش 8 ڏينهن پراڻو آهي لاش نوجوان جو آهي ڳري وڃڻ سبب وڌيڪ سڃاڻپ نه ٿي ملي سگهي, آخري اطلاعن تائين لاش جي ڪا به سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.