اياز لطيف پليجو طرفان ڪيو اي ٽي اڳواڻ مٿان ڪوڙن ڪيسن جي مذمت

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد ۾ پ پ  سامھون ھٿ نه کڻڻ تان قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار طاھر احمد ميمڻ ۽ ٻين شھرين تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد حڪومت مخالف اميدوارن خلاف انتقامي ڪارروائين لاءِ پوليس جي استعمال کي روڪين. پيپلزپارٽي نٿي چاھي ته شفاف اليڪشن ٿئي، شڪست جي خوف کان مخالف اميدوارن کي پئسن جي لالچ ڏئي خريد ڪيو وڃي ٿو، جيڪي باضمير اميدوار جھڪڻ کان انڪار ڪن ٿا، انھن تي ڪوڙا ڪيس ڪري انتقام جو نشانو بنايو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ طاھر ميمڻ ۽ ٻين اميدوارن خلاف داخل ڪوڙو ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته 14 سالن جي خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ جا ماڻھو مشڪل حالتن مان گذري رھيا آھن.  ڪراچي ۾ سنڌين کي لڏايو پيو وڃي ۽ افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهين کي ڪالونيون ٺاھي آباد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته بلدياتي اليڪشن جي پھرئين مرحلي ۾ به قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جي اميدوارن کي بدترين انتقام جو نشانو بنايو ويو. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ وڌو ويو. اياز لطيف پليجي چيو ته برساتن کانپونءَ شھر ۽ ٻھراڙيون پاڻي ۾ ٻڏل آھن. ماڻھو سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. رليف جي نالي ۾ ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪيا پيا وڃن.

  • اڏيري لال ويجهو نوجوان پاڻي جي دٻي ۾ ٻڏي فوت

اوڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ علي محمد ڇٽو جو رهواسي 20 سالا نويد ولد عيدن ڪهيري پاڻي جي دٻي  ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو مائٽن موجب نوجوان مرگهي جو مريض اهو جيڪو رات ڀوڦاڙ شاخ وٽ رهندڙ ڀيڻ جي شادي ۾ آيل هو جتي نوجوان پاڻي جي دٻي۾ ٻڏي ويو جنهن کي فوري طور تي اسان رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن پهچا يو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي . جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.