لاڙڪاڻي اسپتال ۾ علاج دوران ٻارڙو فوت، ڊاڪٽرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ موت جي راڪاس جا لامارا برقرار، جڏهن ته هڪ هفتي دوران مبينا طور علاج جو سهولتون نه ملڻ سبب 09 کان وڌيڪ گلن جهڙا ٻارڙا سسڪي سسڪي فوت ٿي ويا ۽ سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڪو ڌيان ناهي ڏنو. ان ڏس ۾ ڪالھه چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ مبينا طور علاج نه ملڻ سبب تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ فريد آباد جي رهواسي غريب هاري مولا بخش ڪرٽيو جي 6 ورهين جي پٽ راشد علي ڪرٽيو انسانيت جي عملبردار ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران نينگر جوعلاج نه ٿيڻ سبب اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي نينگر جي والد مولا بخش ڪرٽيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ صبح اوچتو منهنجي پٽ راشد جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي علاج لاءِ اسان کڻائي ٻاراڻي اسپتال آندوسين، جتي موجود ڊاڪٽرن پٽ جو علاج نه ڪيو ۽ نه ئي کيس وقت سر آڪسيجن گئس لڳائي سندس زندگي بچائڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا، جنهن سبب هو تڙپي تڙپي اسان جي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو لاش کڻڻ لاءِ اسان ايم ايس لاڙڪاڻو کان ايمبولينس جي گهر ڪئي سين، پر اسان کي ايمبولينس مهيا نه ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري اسان پٽ جو لاش ڪار ۾ کڻائي وڃي رهيا آهيون. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايم ايس سميت ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن کان سخت پڇاڻو ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن صحافين طرفان معاملي بابت ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر گلزار تنيو کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايم ايس فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي، جنهن مان ثابت ٿي رهيو هيو ته ڊاڪٽرن جي غفلط سبب نينگر جو موت واقع ٿيو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اندر شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلط سبب 09 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن ڌم ڏئي ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.