ٻنون ۾ گيسٽرو جو زور، ٻن گهر ڀاتين سميت 3 ڄڻا فوت،60 کان وڌيڪ مبتلا

ٻنون (ن ع آ) ٻنون جي علائقي بچاءُ بند ۾ گيسٽرو وگھي ھڪ گھر جا ٻه ڀاتي 50 سالن جي ريشمان زال مائوجي ڪولھي ۽ 60 سالن جو ھمن ڪولھي ۽ ڳوٺ حاجي عمر لاشاري ۾ 38 سالن جو علي نواز لاشاري فوت ٿي ويا،  جن جا جنازا کڄڻ تي ڪھرام مچي ويو، ان موقعي تي ڪولھي برادري جي جمعو ڪولھي، مٺو ڪولھي، چيتن ڪولھي، ھمراج ڪولھي، ڳوٺ عمر لاشاري جي محمد لاشاري، اقبال لاشاري، اسحاق لاشاري ۽ ٻين سجاول جي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي نااھلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته علائقي ۾گيسٽرو سبب 3 ڄڻا فوت ۽ سوين ماڻھو مبتلا آھن، جڏھن ته صحت کاتي طرفان اڃا تائين ميڊيڪل ٽيم نه موڪلي وئي آهي.  ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڳوٺن ۾ صحت کاتي جون ھنگامي ٽيمون موڪلي غريب مريضن جو علاج ڪيو وڃي.ھوڏانھن ڊي ايڇ او ڊاڪٽر احمد علي پليجو رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته گيسٽرو جي وڌندڙ وبا سبب اسپتالن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، ٻنون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن تي ٻڌل ھنگامي ٽيمون روانيون ڪيون ويون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.