ٽماٽي جو سستو ۽ سولو فيشل، گهر ويٺي چهري کي نِکاريو

 

ٽماٽو هڪ اهڙي سبزي آهي، جيڪا غذائيت سان گڏوگڏ خوبصورتي ۾ واڌ ڪرڻ جي به خاصيت رکي ٿع، ٽماٽي سان گھر ۾ فيشل ڪري توهان پنهنجي چهري جي وڃايل رونق کي بحال ڪري سگھو ٿا.

هڪ چمچو ڪنوار ٻوٽي جيل ۾ ٻه چمچا بيڪنگ سوڊا گڏائي ان سان چهري تي 20 منٽن تائين مساج ڪيو.

هاڻ هڪ پيالي ۾ هڪ چمچو چانورن جو اٽو کڻي ان ۾اڌ چمچو ڏهي ۽ اڌ چمچو ليمون مڪس ڪري پيسٽ تيار ڪيو ۽ چهري تي لڳايو، پوءِ چهرو ڌوئي صاف ڪيو.

آخر ۾ هڪ ٽماٽي جا ٻه ٽڪرا ڪريو ۽ ٽماٽي تي لوڻ هڻي 20 منٽن تائين چهري جي اسڪربنگ ڪريو.

بس ٿي ويو گرمين ۾ رنگ ڀورو ڪرڻ ۽ اُس ۾ سڙيل چمڙي کي ٺيڪ ڪرڻ جو سولو ۽ سستو فيشل، جنهن سان توهان جو چهري نکري پوندو ۽ تازگي فراهم ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.