لاڏلي کي کير پياري اقتدار ڏنو ويو، عدليا کي انصاف جي بنياد تي فيصلا ڪرڻا پوندا: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي صورتحال ابتر ۽ پاڪستان ڏيوالي جي ويجهو آهي پر پي ڊي ايم سياست بدران رياست کي ڏسندي قدم کڻي رهي آهي، بجلي ۽ تيل اگهن تي منهنجو ڪنٽرول ناهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته طوفاني برساتن سان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ تباهي ٿي، صوبائي حڪومتن ان حوالي سان ڪم ڪري رهيون آهن، وفاق به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، ايوان کي خاطري ٿو ڪرايان ته ان معاملي تي وفاقي حڪومت پوئتي نه هٽندي ۽ متاثر خاندانن کي رليف ڏينداسين.

هن چيو ته آئين موجب سڀني ادارن کي دائري ۾ رهي خدمتون انجام ڏيڻيون آهن، افسوس ته آئين سان هٿ چراند ٿي ۽ آمريت ايندي رهي، ان غير يقيني ۽ جمهوريت جو تسلسل ٽٽڻ سبب خطي جا ملڪ ترقي جي معاملي ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويا.

سندس چوڻ هو ته 75 سال گذرڻ باوجود عوام پڇي ٿو ته ملڪ مان ڪڏهن بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو، اسان انهن کي ڪو به جواب ڏيڻ کان قاصر آهيون، سڀ ڄاڻين ٿا ته 2018 ۾ ڌانڌلي سان پيدا ڪيل حڪومت پاڪستان تي مڙهي وئي، سڀ ڄاڻين ٿا ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس سبب ڳڻپ روڪرائي وئي.

وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، ڇا اسان چور دروازي سان آياسين؟ ووٽ جي طاقت سان آئين ۽ قانون موجب ڪرپٽ حڪومت کي ختم ڪيو، نواز شريف ۽ اتحادين جي اصرار تي حڪومت قبول ڪئي، جنرل (ر) پرويز مشرف پنهنجي صدارتي دور ۾ مون کي وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ ڪئي پر مان ٿڏي ڇڏي، مشرف کان اڳ به هڪ صدر چيو هو ته صدر بڻجي وڃو پر مان انڪار ڪيو.

هن چيو ته منهنجي سيني ۾ ڪيترائي راز دفن آهن، عدليا جو تمام گهڻو احترام آهي پر حق جي ڳالهه اڄ نه ڪنداسين ته ڪڏهن ڪنداسين، جيڪڏهن عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انصاف جي بنياد تي ڪرڻو پوندو، 15 سال هڪ لاڏلي کي کير پياري اقتدار ۾ ويهاريو ويو ۽ ان کي ڀرپور سپورٽ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.