جماعت اسلامي پاران حڪومت اپوزيشن ۾ ٽياڪڙي جي آڇ

لاهور(بيورو+پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پارليامينٽ اڳ ئي بي توقير آهي اليڪشن ڪميشن کانپوءِ هاڻي عدليه کي به تڪراري بڻايو ويو آهي. ملڪ ۾ ڪو به ادارو ناهي بچيو جنهن تي عوام اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار هجي. پهريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو سپريم ڪورٽ جي ججن جا نالا کڻي انهن تي تنقيد ڪري رهيا آهن. سياسي تڪرار ۽ جهگڙا عدالتن کي نه پر سياستدانن کي حل ڪرڻا پوندا. ٽنهي وڏين سياسي پارٽين کي اقتداري جنگ ۾ ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي ته ملڪ کي وڏو نقصان پهچي، هن چيو ته بحران جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي گرينڊ ڊائلاگ شروع ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن سڀ متفق ٿين ته جماعت اسلامي ملڪ ۽ عوام جي مفاد لاءِ ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هر ڪو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته عدالتن مان پنهنجي مفادات تي فيصلا وٺي جيڪڏهن ڪنهن جي حق ۾ فيصلو اچي ته انهن کي قبول آهي ۽ ٻي صورت ۾ تنقيد سياسي پارٽين جو معمول بڻجي ويو آهي. حڪمرانن مفادن جي ويڙهه کي گلين ۽ گهٽين ۾ پکيڙي ڇڏيو.مان ڊيڄارڻ چاهيان ٿو ته صورتحال بدترين رخ اختيار ڪري چڪي آهي. مهرباني ڪري ذاتي جهيڙا بند ڪريو ۽ پاڪستان جي آئين تي متفق ٿيو. هن وقت جنهن شيءِ جي ضرورت آهي اها آهي تقسيم جي بدران ڳالهين جي سان مسئلا حل ڪيا وڃن. اسان سڀني کي آئين آڏو سر تسليم ڪري سرنڊر ڪرڻو پوندو. پاڪستان الله ۽ 22 ڪروڙ عوام جي امانت آهي. ماڻهن جا گهر ٻڏي رهيا آهن سيلاب جي صورتحال آهي مهانگائي بدامني لوڊشيڊنگ چترال کان ڪراچي تائين ماڻهن جو امن ۽ سڪون کسي ورتو آهي. جيڪڏهن ظلم جو سلسلو جاري رهيو ته عوام حڪمرانن جي محلات جو رخ ڪندو ۽ کين فرار ٿيڻ نه ڏيندو اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر ۽ اطلاعات سيڪريٽري قيصرشريف سان گڏ منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.سراج الحق چيو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي سوال اٿاريا پيا وڃن. ٽنهي پارٽين اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ڏٺو ۽ حڪومت ملڻ کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪو قدم نه کنيو ۽ ئي عوام جي سار سنڀال لڌي. پي ٽي آءِ چئن سالن ۾ پارليامينٽ ۾ هڪ به اهڙو قانون ناهي ٺاهيو جيڪو عوام لاءِ هجي ۽ نه ئي مخالف ڌر سان هڪ ڀيرو به ڳالهيون ڪيون. هاڻي جڏهن کان پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت قائم ٿي آهي پي ٽي آءِ جون پاليسيون جاري آهن. لڳي ٿو ته ٽئي پارٽيون انهن قانونن ۽ پاليسين تي متفق نظر اچن ٿيون جيڪي ملڪ تي استعماري قوتن طرفان لاڳو ٿيڻ گهرجن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.