ريتي لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري بيدردي سان قتل

ڏهرڪي ( ن ع آ )  ريتي ويجهو کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد نواز پتافي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان علي رضا پتافي نوجوان ناري اشرف خاتون شر کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل  ڪيو ويو آهي  اطلاع  تي کينجهو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل نوجوان ۽ ناري جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڏهرڪي کڻائي آيا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا ان موقعي مقتول نوجوان علي رضا پتافي جو ڀاءُ صابر پتافي ٻڌايو ته شر برادري سان اسان جو پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ هيو هنن چيو هنن اسان جي نوجوان کي عورت اشرف خاتون شر سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏيئي شهزادو شر ، ارباب شر ، مير حسن شر وارن بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.