ڌاري آبادڪاري خلاف سڪرنڊ ۾ قومي ڪٺ، اثرائتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ ۾ غير قانوني آباد افغاني لوڌ جي سنڌ مان نيڪالي جي ايجنڊا هيٺ مستقل ۽ متحرڪ جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ “قومي ڪٺ” شاعر مصور چوهاڻ ۽ سهيل چانڊيو جي ميزباني هيٺ سڪرنڊ ۾  ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ قومپرست اڳواڻن ، سياسي سماجي اڳواڻن ، اديب ، شاعرن ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت. گو افغاني گو جي مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان. قومي ڪٺ کي خطاب ڪندي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان فسادي نه آهيون پر پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سان محبت ڪيون ٿا. سنڌ حڪومت افغانين کي ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي. تشدد بجائي ويڙهه ، امن ۽ محبت سان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنگ هٿيار بجاءِ جي ايم سيد ۽ مهاتما گانڌي وانگر هلايل تحريڪ سوشل بائيڪاٽ ذريعي وڙهي سگهجي ٿي. سڀني ڌارين بجاءِ گو افغاني گو جو نعرو هڻڻ گهرجي ان بعد ٻئي مرحلي ۾ ٻين ڌارين جي نيڪالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سنڌ مان بلاول ڪاڪا جي قتل بعد جيڪا چڻنگ اٿي آهي.  ۽ جيڪا لاٽ ٻري آهي اها ضرور روشني پيدا ڪندي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو موقف ۽ چٽو ۽ صحيح هو  پر احتجاج جي جيڪا تاريخ مقرر ڪئي وئي ان ۾ وڏو گيپ هو جنهن سبب نوجوانن پاران پاڻ مرادو گو افغاني گو جي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي. قومي ڪٺ جي ميزبان مصور چوهاڻ چيو ته سنڌ جو نوجوان سوچي ۽ لوچي ٿو. سنڌ ۾ سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ان جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ لاءِ ڌرڻا هڻڻا پون ٿا. اسان کي ماٺ بجائي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته افغانين کي منظم سازش تحت هتي آندو ويو. 1960 واري ڏهاڪي ۾ ايوب خان پٺاڻن کي آندو. عوامي اڀار تڏهن ايندو آهي جڏهن تنظيمون ڪمزور ٿينديون آهن. چاليهه لک افغانين جي نيڪالي لاءِ اقوام متحده آڏو پڻ آواز اٿاريو ويندو. سنڌ سجاڳ فورم جي سارنگ جويو چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين جا ڪونڌر ڪٺا وڃن ٿا ڌارين کي ووٽ جو حق کسي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. ڌارين جا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي. ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پارليماينٽري سياست ڪندڙ زين شاهه سميت ۽ ٻين پارٽين عملي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو. اسان کي سنڌ اسيمبلي آڏو لکين ماڻهو سان گڏ ڌرڻو هڻي ڌارين جي نيڪالي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو. وي ايم پي اڳواڻ سهڻي جويو چيو ته ڌاريا سنڌ لاءِ ناسور آهن اسان کي منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڌارين کي نه ڪڍيو ويو ته اڳتي هلي هو اڪثريت ۾ اچي سنڌ لاءِ ڏچو ثابت ٿيندا. اديب ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته سنڌي ماڻهن جو مزاج رهيو آهي ته انهن ويڙهاند ڪئي آهي پر قيادتي کوٽ سبب اڀار کي ضايع ڪيو ويو آهي. عوامي ورڪرس پارٽي جي فيض ڪيريو چيو ته حڪمران آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان پئسا وٺي افغانين کي هتي رهائي رهيا آهن. اسان جي قوم کي غلام بنائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن.  سنڌ گروورس آرگنائيزيشن جي چيئرمين رضا چانڊيو چيو ته سڪرنڊ ۽ سنڌ مان جيڪا چڻنگ ٻري آهي اها ضرور لاڀ ڏيندي. ان موقعي تي سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي،جيئي سنڌ محاذ جي غلام مصطفيٰ عمراڻي، ڪامريڊ سنڌو مڱريو، ايس جي او اڳواڻ شمشاد ملاح ، غلام نبي چوهاڻ ، مجيد عباسي ، زوهيب عمراڻي، سهيل چانڊيو ، صيفل ڪيريو ۽ ٻين قومي ڪٺ کي خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.