عدالتي فيصلي کانپوءِ فواد چوڌري وفاقي حڪومت کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

عدالتي فيصلي تي فيصل جاويد چيو ته الله پاڪ جو لک شڪر آهي، اها ڪاميابي عوام ۽ ڪپتان عمران خان جي آهي، اڄ قانون ۽ آئين موجب فيصلو آيو آهي.

فواد چوڌري، پرويز الاهي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته گورنر کي حڪم ڏنو ويو آهي ته رات ساڍي 11هين وڳي وڏي وزير کان حلف وٺي، هاڻ اسان جڏهن چاهينداسين وفاق به ڪيرائي ڇڏينداسين.

اسد عمر پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اسان جو ليڊر جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيو، پاڪستان جا فيصلا ڪنهن بند ڪمري ۾ نه ٿيندا، پرويز الاهي کي مبارڪ ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.