يوٽيوبر زيد علي حادثي جو شڪار

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي ڪينيڊين يوٽيوبر زيد علي سان ڪجهه ڏينهن اڳ حادثو پيش آيو هو جنهن سبب کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي.

زيد علي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري پوسٽ ڪندي مداحن کي حادثي ۽ زخمي هجڻ بابت ٻڌايو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سخت تڪليف ۾ آهيان، تازو منهنجو حادثو ٿيو هو.

هن چيو ته ان حادثي ۾ منهنجي مٿي تي ڌڪ لڳو جيڪو خطرناڪ ثابت ٿيو، جڏهن مان هوش ۾ آيس ته مون کي چيو ويو ته تون خوش قسمت آهين.

زيد علي لکيو ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مون کي معمول تي اچڻ ۾ 7 کان 10 ڏينهن وڌيڪ لڳندا، جڏهن ته مڪمل صحتياب ٿيڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳي سگهن ٿا.

هن آگسٽ 2017 ۾ يوٽيوبر يمنيٰ علي سان شادي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.