زهريلو شراب پيئڻ سبب 21 ڄڻا فوت، انگ وڌڻ جو خدشو

زهريلو شراب پيئڻ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿيڻ تي اسپتال نيو ويو جتي 21 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي رياست گجرات جي علائقي احمد آباد ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي بهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 21 ڄڻن کي مئل حالت ۾ آندو ويو جڏهن ته 30 ڄڻا علاج هيٺ آهن جن مان 7 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

فوت ٿيندڙ ۾ گهڻي قدر پورهيت شامل هئا.

ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ڪري زهريلو شراب وڪرو ڪرڻ واري دڪاندار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.