ملڪ ۾ سون جي قيمت نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر سان گڏ سون جو اگهه وڌڻ جو سلسلو به جاري آهي ۽ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1200 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو هڪ لک 49 هزار 500 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1029 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 28 هزار 172 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 12 ڊالر گهٽجڻ سان 1718 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.