سريلنڪا جي شاندار واپسي، گال ٽيسٽ پاڪستان جي هٿن مان نڪڙڻ لڳي

سريلنڪا جي شاندار واپسي، گال ٽيسٽ پاڪستان جي هٿن مان نڪڙڻ لڳي

گال ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن گهٽ روشني سبب ميچ وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي، ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي ميزبان ٽيم کي پاڪستان خلاف 323 رنسن جي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي.

گال ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ميزبان ٽيم پنهنجي نامڪمل ٻي اننگز 147 رنسن جي سرسري سان شروع ڪئي، اڄوڪي ڏينهن جي شروعات تي پاڪستاني بالرن زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪيو، نسيم شاهه 27 رنسن جي گڏيل اسڪور تي  نروش ڊي ويلا کي 15 رنسن تي پويلين ڀيڙو ڪيو، 47 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ياسر شاهه اوشادا فرنينڊو کي 19 رنسن تي آئوٽ ڪيو.

ڏينهن جي ٽئين وڪيٽ محمد نواز حاصل ڪئي جنهن ڪوشل مينڊس کي 15 رنسن تي آئوٽ ڪيو، سريلنڪا جي چوٿين وڪيٽ 100 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪري اينجيلو ميٿيوز 35 ٺاهي آغا سلمان جو شڪار بڻيو، 117 جي اسڪور تي دنيش چنديمل 21 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي ٻي وڪيٽ بڻيو.

گهٽ روشني سبب ٽئين ڏينهن جي راند وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي، ميزبان ٽيم ٻي اننگز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ پاڪستان خلاف 323 رنسن جي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي، ڌننجايا ڊي سلوا 30 ۽ ديموٿ ڪرونارتني 27 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ آهن.

ان کان پهرين ٽئين ڏينهن جي شروعات تي پاڪستان پنهنجي ناممڪل اننگز

191 رنسن تي ست وڪيٽن تان شروع ڪئي ته اسڪور ۾ رڳو 42 رنسن جي واڌارو ڪندي سڄي ٽيم ڍير ٿي وئي.

پاڪستان ٽيم رڳو 231 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

پاڪستان طرفان آغا سلمان 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ٻين بيٽرن ۾ امام الحق 32، محمد رضوان ۽ فواد عالم 24، 24 جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

عبدالله شفيق ٻڙي، جڏهن ته محمد نواز 12 ۽ حسن علي 21 رنسون ٺاهي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.