ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئون عالمي رڪارڊ قائم

فرانس جو اوپنر گوستف ميڪيون ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سينچري ٺاهيندڙ گهٽ عمر ترين مرد ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.

گوستف ميڪيون فن لينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024ع جي يورپ سب  ريجنل ڪواليفائر ٽورنامنٽ ۾ سوئٽزر لينڊ خلاف عالمي ريڪارڊ قائم ڪيو.

گوستف 18 ورهيه 289 ڏينهن جي عمر ۾  61 بالن تي 5 چوڪن ۽ 9 ڇڪن جي مدد سان 109 رنسون اسڪور ڪري رڪارڊ قائم ڪيو ۽ افغانستان جي حضرت الله زازئي 2019ع ۾ قائم ڪيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن آئر لينڊ خلاف 20 ورهيه ۽ 337 ڏينهن جي عمر ۾ 62 بالن تي 162 رنسون اسڪور ڪيون هيون.

گوستف ميڪيون جي رڪارڊ باوجود فرانس کي سوئٽزر لينڊ خلاف آخري بال تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو ۽ سوئٽزر لينڊ 158 رنسن جو ٽارگيٽ ڪاميابي سان حاصل ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.