دعا زهرا ڪيس ۾ ظهير کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مقامي عدالت دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران مک جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءَ شبير جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

پوليس جوابدار ظهير ۽ شبير کي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس طرفان اڃا تائين نئين اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي ۽ جوابدارن جا وڪيل به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا.

عدالت ظهير ۽ شبيرجي ضمانت ۾ پهرين آگسٽ تائين واڌ ڪئي ۽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ منظوري تي دليل ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.