حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، اگهن ۾ هوش اُڏائيندڙ واڌ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا بجلي جي اگهن ۾ ساڍا 3 رُپيا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته ڪابينا بجلي بابت اهم فيصلو ڪيو آهي ته جنهن تحت بجلي جي اگهن ۾ 26 جولاءِ کان 3 رُپيا 50 پئسا واڌ ٿيندي.

وفاقي وزير چيو ته بجلي اگهن ۾ آگسٽ کان 3 رُپيا 50 پئسا ۽ آڪٽوبر ۾ 91 پئسا واڌ ٿيندي، جڏهن ته نومبر کان توانائي جي اگهڻ ۾ لاٿ ايندي ۽ ڊسمبر تائين بجلي جو بنيادي ٽيرف 24 رُپين تائين پهچي ويندو.

هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهنيا ڏکيا آهن، غريب ترين واهپيدارن کي تحفظ ڏنو ويو آهي، غريب ترين شهرين لاءِ ٽيرف ۾ ڪائي واڌ ناهي ڪئي وئي.

خرم دستگير چيو ته هڪ کان 50 يونٽ، وري هڪ کان سئو يونٽ ۽ ٻه سئو يونٽ تائين واڌ نه ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.