باڊهه ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف قوم پرستن جو احتجاج

باڊھ(ن ع آ ) شھيد بلال ڪاڪا جي ناحق ٿيل قتل ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف جيئي سنڌ قومپرست پارٽي، جسقپ پاران  ڪامريڊ دودو ديشي، منور نوناري،هيمون ڀٽي، نورساريو، امير علي منگي، عابد موريو، عاشق جهيتال،غلام شيبرڪلهوڙو، ڪاشف جوڻيجو ۽ رحمن ڪالاڻي ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ ڪجھه وقت معطل ٿي وئي ان موقعي تي  ڪامريڊ دودو ديشي، مٺل سنجراڻي،  ثناءُ الله چنه ۽ ٻين خطاب ڪندي ۾ چيو ته ڪافي عرصي کان وٺي هڪ منظم سازش تحت سنڌ اندر ڌاريا آباد ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪرائي پئي وڃي. جنهن جو مثال ارشاد رانجهاڻي، نويد ڪاڪا ۽ تازو حيدرآباد ۾ قتل ڪيل بلال ڪاڪا سرفزار چانڊيو جن جا ناحق ڪيل خون آهن. سنڌ ۾ ڌارين جي وڌندڙ لوڌ سنڌ جي وحدت، امن امان ۽ سنڌي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو سمجهون ٿا ۽ ڪو به غيرت مند سنڌي اهڙو ڌاڙو برداشت ڪونه ڪندو پ پ کي به انهن ڌارين جو سهولتڪار سمجهون ٿا. جيڪا اقتدار جي ڪرسي واري حوس جي ڪري انهن ڌارين کي رهائشي اسڪيمون مهيا ڪندي ڪالونيون ٺھرائي ڏئي رهي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ جعلي ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهي رهي آهي.هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سنڌ اندر رهايل سمورا غير قانوني ڌاريا ڪڍي اصل ڌرتي ڌڻين کي پنهنجا اجها ڏئي  کين تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڌارين جي دهشتگردي ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌ جا لکين ماڻھو سخت سنڌ گير تحريڪ هلائي ڌارين خلاف پنهنجي نفرت جو اظھار ڪندا. بلال ڪاڪا جي قاتلن جي ڦاسي جي گهر ڪئي،جسقم پاران 29.جولاءِ  تي خيرپور ۾ ڌرڻي جي حمايت ڪندي عوام کي شرڪت جي اپيل ڪري ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.