گهوٽڪي مان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، ڀنگ طلب، ماٿيلي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: نصر الله گڏاڻي ) ڏيڍ مھينو اڳ گھوٽڪي مان اغوا ٿي ويل ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻي واسي نوجوان بازياب نه ٿي سگھيو وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي نظير ڪنڊراڻي، بدر دين ڪنڊراڻي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان خالد حسين ولد نظير ڪنڊراڻي ڏيڍ مھينو اڳ گھوٽڪي شھر ڏانھن ڪم سانگي ويو هو، جنھن کي ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ ڌاڙيل مغوي جي بازيابي لاءِ 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، ھنن چيو ته اسان غريب آهيون ايترا پئسا ڪٿان آڻيون، ھنن چيو ته گھوٽڪي پوليس ۽ سرحد پوليس اسان جي ڪا به مدد نه ٿي ڪري ۽ خالي دلاسا ڏئي رھي آھي، ھنن نئين آيل ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي وارثن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.