ٽنڊو ڄام ۾ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ ۾جهيڙو، هڪٻئي تي الرون

ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊوڄام جي المدينه ڪالوني ۾ هڪ خانگي جڳهه ۾ ڪرائي تي ويٺل اي ايس آئي عتيق خاصخيلي ۽ جاءِ مالڪ محمد ياسين شاھ وچ ۾ جاءِ جي ڪرائي ۽ بجلي جي بل تان تڪرار پيدا ٿيو، جنهن بعد جاءِ مالڪ ٿاڻي تي اطلاع ڏئي اي ايس آء خلاف شڪايت ڪئي جنهن بعد ايس ايڇ او فرحان ميمڻ فوري واقعي واري هنڌ پهتو، جتي ايس ايڇ او ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ايس ايس آء پاران نشي ۾ ھجڻ سبب ايس ايڇ او ۽ جاء مالڪ مٿان هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، جنھن بعد پٽي ڀائي جو خيال رکندي پوليس واپس موٽي آئي، جڏهن ته پوليس اي ايس آئي به ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي ٻيهر ايس ايڇ او فرحان ميمڻ ۽ اي ايس آئي عتیق خاصخيلي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جتي مليل ڄاڻ موجب اي ايس آئي، ايس ايڇ او کي ڳهلي کان به جهليو ۽ نشي ۾ گارگند پڻ ڪندو رهيو، بعد ۾ ٻنهي ڌرين جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا، جنهن ڪري مختلف ٿاڻن جي نفري طلب ڪئي وئي، هوڏانهن جاءِ مالڪن ياسين شاھ ۽ سندس پٽ محسن علي ٻڌايو ته اي ايس آئي عتیق شراب جي نشي ۾ گارگند ڪئي، ٻئي طرف ايس ايڇ او فرحان ميمڻ واقعي جي تصديق ڪئي آهي ۽ ٻڌايو ته اي ايس آئي عتیق خاصخيلي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل اي ايس آئي عتيق خاصخيلي چيو ته فائرنگ هن ناهي ڪئي، پر مٿس فائرنگ ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته جاءِ مالڪ بجلي جي بل ۾ ساڻس ناجائزي ڪري رهيا هئا، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو ٻئي پاسي اي ايس آء عتيق خاصخيلي جي وارثن پاران رات دير سان ۽ صبح جو روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، هوڏانهن واقعي جو ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊي ايس پي ٽنڊوڄام کي ٿاڻي تي موڪليو ويو آهي، هوڏانهن معاملي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون به جاري هيون، ياد رهي ته الزام هيٺ آيل اي ايس آء عتيق خاصخيلي پهرين به منشات فروشي ۽ ڀتا خوري جي الزام هيٺ معطل ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.