برساتن پ پ جي ترقياتي ڪمن کي وائکو ڪيو: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سانوڻي جي تازين برساتن پيپلزپارٽي جيسنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جي دعوائن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي،گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آهي، پر ڪراچي سميت سنڌ جا اڪثر شهرگندگي جي ڍير ۾ تبديل ۽ انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، هن وقت به ڪراچي، حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي ڍنڍ جي شڪل ۾ موجود آهي جنهن جي ڪري مڇرن جي گهڻائي جي ڪري مختلف بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ سانوڻي جي تيز وسڪاري جي ڪري قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ فصلن توڙي گهرن کي ٿيل نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي زور ڀريو ته حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ انساني همدردي جي ناتي پاڻي جي نيڪال، برسات متاثرين جي امداد لاءِ ڪرپشن فري قدم کڻي. سنڌ ۾ “ رين ايمرجنسي” جي دعوى باوجود عوام بي يارومددگار ۽ روڊ رستا توڙي گهٽين ۽ گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي ان صورتحال حڪومتي ترقياتي ڪمن جي دعون کي ڪوڙو ثابت ڪيو آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لڳاتار برساتن جي ڪري ماڻهن جي قيمتي ملڪيتن خاص طور تي ڪچن گهرن، ڪپهه، مرچ، ڀاڄين ۽ کجور سميت مختلف فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انڪري آبادگارن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي مالي امداد لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.