پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا لاهور کان ڪراچي منتقل

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي مان لاهور وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. دعا زهرا کي عدلت جي حڪم تي لاهور کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، کيس چائلڊ پروٽيڪشن بيورو ۾ رکيو ويو آهي ۽ پهرين آگسٽ تي لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي ذريعن موجب دعا زهرا کي فول پروف سيڪيورٽي ۽ حفاظتي انتظامن ۾ رکيو ويو آهي، ڪنهن کي به ان سان ملڻ جي اجازت ناهي. واضح رهي ته 23 جولاءِ تي لاهور جي مقامي عدالت دعا زهرا کي ڪراچي موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سندس تحفظ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.